اسلام آباد – 10 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سعودي عرب جي پرڏيهي وزير فيصل بن فرحان سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي سعودي پرڏيهي وزير کي گذريل رات ڀارتي حملن کانپوءِ خطي جي موجوده صورتحال ۽ پاڪستان جي ردعمل کان آگاهه ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طرفان گذريل ڏينهن جاري بيان مطابق سعودي پرڏيهي وزير پاڪستان جي قيمتي معصوم حياتين جي نقصان تي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ پاڪستان جي تحمل تي ٻڌل ردعمل کي ساراهيو. ٻنهي اڳواڻن ويجهو رابطو برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو.