اسلام آباد -10 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُالله تارڙ چيو آهي ته پاڪ فضائيه جا سمورا اثاثا محفوظ آهن. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي ڪيل پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي ايئر ڊفينس سسٽم ڀارتي ميزائيلن کي ڪاميابي سان ناڪام بڻايو.