راولپنڊي -10 مئي (اي پي پي)پاڪستان جي هٿياربند فوج جي ترجمان ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي، ته پاڪستان جي ايئر ڊفينس سسٽم ڀارتي ميزائيل فضا ۾ ئي تباهه ڪري حملا ناڪام بڻائي ڇڏيا. پاڪ فضائيه جا فلائنگ اثاثه محفوظ آهن، افغانستان تي ڀارتي ميزائيل ۽ ڊرون حملن جو مقصد خطي کي جنگ ۾ ڌڪڻ آهي. هو 10 مئي جي صبح جو سوير ميڊيا کي بريفنگ ڏئي رهيو هو. ڊي جي آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته ڀارت طرفان نور خان ايئر بيس، مريد ايئر بيس ۽ شور ڪوٽ ايئر بيس تي جهازن ذريعي فضا مان ميزائيل فائر ڪيا ويا. پاڪستان جي ايئر ڊفينس سسٽم سمورن ميزائيلن کي فضا ۾ ئي تباهه ڪري حملا مڪمل طور تي ناڪام بڻائي ڇڏيا آهن. اسان جي ايئر ڊفينس سسٽم ڀارتي عزم کي ناڪام بڻايو آهي. هن ٻڌايو ته افغانستان تي جيڪي ميزائيل ۽ ڊرون حملا ڪيا ويا هئا، اهي ڀارت انڊين پنجاب ۾ ميزائيل ڊرامي کان پوءِ ڪيا، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته ڀارت خطي ۾ تيزي سان عدم توازن پيدا ڪري خطي کي جنگ ۾ ڌڪڻ چاهي ٿو. هن ٻڌايو ته پاڪ فضائيه وٽ ميزائيلن تي نصب اليڪٽرانڪ سگنيچر پهچي چڪا آهن، جنهن مان خبر پوي ٿي ته ميزائيل ڪٿان فائر ڪيا ويا ۽ انهن جو هدف ڪهڙو هو. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج چوڪس آهي، جيڪا هندستان جي وڌندڙ جارحيت ۽ بزدلاڻي حملي کي ناڪام بڻائي رهي آهي. اهي حملا پاڪستان جي بهادر ۽ غيرتمند عوام جي حوصلن کي نٿا گهٽائي سگهن، بجاءِ ان جي ته اسان جا حوصلا گهٽجن انهن حملن ۽ بزدلاڻي جارحيت سان حوصلا وڌي رهيا آهن، جيڪڏهن ڪنهن کي ڏسڻو آهي، رات جي ان پهر ۾ راولپنڊي ۽ لاهور سميت ملڪ جي وڏن شهرن ۾ ماڻهن کي روڊن تي نڪرندي ڏسن، ڀارت کي مخاطب ٿيندي ڊي جي آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته توهان جي هر حملي جي ناڪامي کان پوءِ اوهان کي جلد مايوسي ٿيندي. ان کان اڳ جمعي۽ ڇنڇر جي وچ واري رات ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ڊي جي آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته ڀارت پنهنجي ننگي جارحيت جاري رکندي پنهنجي جهازن سان فضا مان زمين تي ميزائيل فائر ڪيا جن جو هدف نور خان ايئر بيس، مريد بيس ۽ شور ڪوٽ ايئر بيس هو، پر پاڪ فضائيه جا سمورا اثاثا محفوظ آهن. ڊي جي آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته ڀارت افغانستان تي به ميزائيل فائر ڪيا ۽ ڊرون حملا ڪيا آهن. هن ٻڌايو ته ڀارت پنهنجي چريائپ، جارحيت ۽ مڪاري سان خطي کي خطرناڪ جنگ ڏانهن ڌڪي رهيو آهي. هن ڀارت کي مخاطب ٿيندي چيو ته اسان ان (ڀارت) جي طاقت، مڪاري، جارحيت کان ڊڄڻ وارا ناهيون، بس هو اسان جي جواب جو انتظار ڪري.