اسلام آباد – 09 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف خطي ۾ ڇڪتاڻ کي گهٽ ڪرڻ ۽ علائقائي امن قائم ڪرڻ جي لاءِ سعودي حڪومت جي سفارتي ڪوششن کي ساراهيندي چيو آهي ته ڀارت جي اشتعال انگيز ۽ بنا جواز جارحيت پاڪستان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي کليل خلاف ورزي آهي ۽ ان جارحيت سان علائقائي امن ۽ استحڪام کي شديد خطرا آهن جڏهن ته سعودي عرب جي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير سعودي عرب پاران ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي سان گڏوگڏ پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ سمورن حل طلب تڪرارن کي عالمي قانونن ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب حل ڪرڻ تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان سعودي عرب جي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير عادل الجبير جي ملاقات ٿي. سعودي وزير پاڪستان جي هڪ ڏينهن جي سرڪاري دوري تي آهي. ملاقات دوران وزيراعظم شهباز شريف خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز السعود سان گڏوگڏ ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز السعود جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم پاڪستان ۽ سعودي عرب جي پراڻي ڀائراڻي لاڳاپن جي وڌيڪ فروغ تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جي مسلسل حمايت ڪرڻ تي سعودي عرب جا ٿورا مڃيا. ملاقات ۾ ڏکڻ ايشيا جي موجوده صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي وزيراعظم ڀارت جي پاڪستان جي خلاف ميزائيل ۽ ڊرون حملن جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي جنهن جي ڪري ڪيترائي بيگناهه شهري بشمول عورتن ۽ ٻارن جي شهادت ٿي ۽ ملڪيتن کي نقصان پهتو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڀارت جي اشتعال انگيز ۽ بنا جواز جارحيت پاڪستان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي کليل خلاف ورزي آهي ۽ ان جارحيت سان علائقائي امن ۽ استحڪام کي شديد خطرا آهن. وزيراعظم پاڪستان جي بهادر فوج کي خراج تحسين پيش ڪيو جنهن ملڪ جي دفاع ۾ مثالي حوصلي ۽ جرئت جو مظاهرو ڪيو ۽ دشمن جا ناپاڪ ارادا خاڪ ۾ ملائي ڇڏيا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان پنهنجي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي دفاع لاءِ مڪمل طور تي پرعزم آهي ۽ ان کي گڏيل قومن جي چارٽر جي آرٽيڪل 51 موجب پنهنجي دفاع جي لاءِ قدم کڻڻ جو پورو حق حاصل آهي. وزيراعظم خطي ۾ ڇڪتاڻ کي گهٽ ڪرڻ ۽ علائقائي امن قائم ڪرڻ جي لاءِ سعودي حڪومت جي سفارتي ڪوششن کي ساراهيو. سعودي مملڪتي وزير پاڪستاني شهرين جي قيمتي جانين جي زيان تي دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. هن چيو ته سعودي عرب کي ڏکڻ ايشيا جي موجوده صورتحال تي گهري ڳڻتي آهي. هن سعودي عرب پاران ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي سان گڏوگڏ پاڪستا ۽ ڀارت جي وچ ۾ سمورن حل طلب تڪرارن کي عالمي قانونن ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب حل ڪرڻ تي زور ڏنو.