راولپنڊي-09 مئي (اي پي پي) پاڪستان جي هٿياربند فوج جي ترجمان ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته پاڪستان ڊرون يا راڪيٽ حملن جي شروعات نه ڪئي نه ئي ڪو فضائي حملو ڪيو، صرف ننڍن هٿيارن سان ڀارتي چؤڪين تي جوابي ڪارروائي ڪئي پئي وڃي، ڀارت مهم هلائي ته پاڪستان ڊرون فضائي حملا ڪيا جيڪو ڪوڙ ۽ افسانو آهي، 21هين صدي جي جنگ ۾ هر حملي جو اليڪٽرانڪ ثبوت هوندو آهي، جيڪڏهن پاڪستان ڪو ميزائل حملو ڪيو هجي ها ته ان جو ڪو اليڪٽراڪ ثبوت هجي ها. پهلگام واقعي کي جواز بنائي ڪيل اڳرائيءَ تي ڀارت کي جج، جيوري ۽ سزا ڏيندڙ بڻجڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي. هو ترڪ ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو. ڊي جي آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته ڀارت طرفان لائين آف ڪنٽرول تي فائرنگ ۽ گوله باري ڪئي پئي وڃي، ڀارتي فوج ڄاڻي واڻي پاڪستاني شهري آبادين کي نشانو بنائي رهي آهي، جن ڀارتي پوسٽن تان شهرين تي فائرنگ ٿي رهي آهي صرف ان ئي پوسٽن تي جوابي ڪارروائي ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته ڀارتي دعويٰ آهي ته هن پاڪستاني جهاز ڪيرايا ته پوءِ انهن جو ملبو ڪٿي آهي، جيڪڏهن انهن وٽ اسان جا پائليٽ آهن ته اهي ڪٿي آهن؟ ڀارت اتي به عالمي ميڊيا کي خاموش ڪري ڇڏيو آهي، هاڻ ڀارتي ميڊيا فرضي ڪهاڻيون بنائي رهي آهي جيڪي کِل جوڳيون آهن، جڏهن اسان جواب ڏينداسين ته دنيا پاڻ ٻُڌي وٺندي. اسان کي ڀارتي ميڊيا جي ضرورت ناهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته ڀارت دهشتگرديءَ جي واقعن کي بهانو بنائي سياسي مقصد لاءِ استعمال ڪري رهيو آهي. پاڪستان پهلگام واقعي کانپوءِ غير جانبدار شفاف جاچ جي آڇ ڪئي هئي، ڀارت پهلگام واقعي جي غير جانبدار شفاف جاچ ڪرائڻ کان انڪار ڪيو. هن چيو ته ڀارت پاڪستان ۾ مختلف هنڌن تي عبادتگاهن تي حملا ڪيا. ڀارت بنا ڪنهن ثبوت جي عورتن، ٻارن ۽ بزرگن کي نشانو بنايو. پاڪستان ڀارتي الزامن جي سختيءَ سان ترديد ڪئي آهي. ڀارتي دعويٰ جا ثبوت نه ڏٺا، اهڙو ڪو ثبوت موجود ئي ناهي، ڀارت کي جج، جيوري ۽ سزا ڏيندڙ بنجڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي.