اسلام آباد – 09 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) پاران پاڪستان جي لاءِ هڪ ارب ڊالر جي قسط جي منظوري ۽ ڀارت جي ان جي خلاف ڪڌا حربا ناڪام ٿيڻ تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڀارت هڪطرفي جارحيت سان اسان جي ملڪي ترقي تان ڌيان هٽائڻ جي ڪڌي ڪوشش ڪري رهيو آهي، حڪومت ٽيڪس سڌارن، توانائي جي شعبي جي بهتر ڪارڪردگي ۽ نجي شعبي جي ترقي جهڙن اهم شعبن جي حوالي سان ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪري رهي آهي، پاڪستان جي معاشي استحڪام جي لاءِ حڪمت عملي، موثر ڪارڪردگي ۽ ان حوالي سان پائيدار منصوبابندي جي لاءِ پرعزم آهيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ان حوالي سان نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، ناڻي واري سيڪريٽري امداد الله بوسال سميت حڪومت جي معاشي ٽيم جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. هن چيو ته الله جي فضل ۽ ڪرم سان ملڪي معاشي صورتحال بهتر ۽ ملڪ ترقي طرف گامزن آهي، ڀارت هڪطرفي جارحيت سان اسان جي ملڪي ترقي تان ڌيان هٽائڻ جي ڪڌي سازش ڪري رهيو آهي، عالمي ادارن ڀارت جي ڪوڙي پروپئگنڊه کي ذميواراڻي انداز سان رد ڪيو، آءِ ايم ايف جي پروگرام کي سبوتاز ڪرڻ جون ڀارتي ڪوششون ناڪام ٿيون. وزيراعظم چيو ته پروگرام سان پاڪستان جي معيشت کي مستحڪم ۽ ان کي ڊگهي مدي واري بحالي جي راهه تي گامزن ڪرڻ ۾ مدد ملندي، حڪومت ٽيڪس سڌارن، توانائي جي شعبي جي بهتر ڪارڪردگي ۽ نجي شعبي جي ترقي جهڙن اهم شعبن جي حوالي سان ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪري رهي آهي، گذريل 14 مهينن ۾ بهتر معاشي انگ اکر حڪومت جي مثبت پاليسين جو مظهر آهن، پاڪستان جي معاشي استحڪام جي حڪمت عملي، موثر ڪارڪردگي ۽ ان حوالي سان پائيدار منصوبابندي جي لاءِ پرعزم آهيون.