راولپنڊي – 09 – مئي (اي پي پي) پاڪستان جي هٿياربند فوج جي ترجمان ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته ڀارت وٽ پهلگام واقعي ۾ پاڪستان جي ملوث هجڻ جو معمولي ثبوت به آهي ته سامهون آڻي پر ان وٽ ڪو ثبوت نه آهي، اهڙي طرح ڀارت وٽ ان دعويٰ جو به ڪو ثبوت نه آهي ته پاڪستان گذريل 48 ڪلاڪن کان ڀارتي سرزمين تي حملا ڪري رهيو آهي، اهي سڀ هٿ ٺوڪيا الزام آهن، ثبوت پيش ڪرڻ بدران ڀارت والاريل ڪشمير جي مسلمانن کي نشانو بڻائڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، 50 گهر بارود سان اڏايا ويا آهن ۽ اڍائي هزار کان وڌيڪ ڪشميرين کي حراست ۾ ورتو ويو آهي، ڀارت اندروني مسئلن تان ڌيان هٽائڻ جي لاءِ پاڪستان تي الزام هڻي رهيو آهي، جيڪڏهن ڀارت کي ايتري ئي خواهش آهي ته پاڪستان ان تي حملو ڪري ته بي فڪر رهي اسان ان جي اها خواهش پوري ڪنداسين ۽ پنهنجي وقت ۽ مرضي موجب جواب ڏينداسين. هو پاڪستان ايئر فورس (پي اي ايف) جي ڊائريڪٽر جنرل پبلڪ ريليشنز (ڊي جي پي آر) ايئر وائيس مارشل اورنگزيب احمد ۽ ڊپٽي چيف آف نيول اسٽاف (آپريشنز) وائيس ايڊمرل راجا ربنواز سان گڏ اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته سڀ کان پهرين پهلگام واقعي جي حوالي سان ٻڌائيندس، جيڪڏهن پهلگام جي لوڪيشن کي ڏسو، ان جو زميني فاصلو 230 ڪلوميٽر آهي، اهو ان تناظر ۾ آهي ته ڀارت پاران الزام هنيو پيو وڃي ته دهشتگرد سرحد پار کان آيا هئا. اهو جابلو علائقو آهي، پهلگام ۾ جتي اهو واقعو ٿيو، اها جڳهه رستي کان اٽڪل 5.3 ڪلوميٽر پري آهي ۽ ان جي پوليس اسٽيشن جو فاصلو 1.2 ڪلوميٽر آهي. هن سلائيڊ تي واقعي جي ايف آءِ آر ڏيکاريندي چيو ته پهلگام واقعو 2 لڳي 20 منٽن تي ٿيو جڏهن ته 2 لڳي 30 منٽ يعني رڳو 10 منٽن کانپوءِ پوليس واقعي واري جاءِ تي وڃي ٿي، جاچ ڪري واپس اچي ٿي ۽ ڪيس داخل ڪيو وڃي ٿو جڏهن ته هڪ طرف جو رستو 30 منٽن جو آهي، ته ائين ڪرڻ انساني طور تي ممڪن ئي نه آهي. هن چيو ته ايف آءِ آر جي متن ۾ چيو ويو آهي ته ماڻهو سرحد پار کان آيا هئا، ته 10 منٽن ۾ انهن نتيجو اخذ ڪري ورتو، جڏهن ته وڌيڪ چيو ويو ته انڌاڌنڌ فائرنگ ڪئي وئي. ان حوالي سان سنجيده سوال جنم وٺن ٿا، ان کانپوءِ اٽڪل 3 وڳي کانپوءِ ڀارت ۾ سوشل ميڊيا هينڊلز چوڻ شروع ڪيو ته پاڪستان پهلگام تي حملو ڪيو، مطلب انهن کي خبر هئي ته ڇا ٿيو، پر ان جو ثبوت ڪٿي آهي؟ ڀارتي ٽي وي چينلز به اهو ئي چوڻ شروع ڪري ڇڏيو ته ان حملي ۾ پاڪستاني دهشتگرد ملوث آهن. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته اهي ڳالهيون بار بار ٻڌائڻ ان لاءِ ضروري آهن ته اهو بنياد آهي، جنهن جي ڪري اڄ اسان فوجي صورتحال ڏسي رهيا آهيون، انهي جي ڪري بيگناهه ٻارن ۽ عورتن کي شهيد ڪيو پيو وڃي. ڊي جي آءِ ايس پي آر ان واقعي جي حوالي سان والاريل ڪشمير جي شهرين جي ڳالهه ٻولهه هلائي جنهن ۾ اهي واقعي تي سوال اٿاري رهيا آهن ۽ چئي رهيا آهن ته هتي سڀ کان وڌيڪ (ڀارتي) فوج آهي، جيڪڏهن ڪير پوسٽ شيئر ڪندو ته ان کي رات ۾ ئي کنڀي وٺنداسين، ايتري گهڻي ڀارتي فوج آهي ته اها ڇا ڪري رهي آهي؟ هڪ ٻئي شهري چيو ته منصوبو ٺاهي ائين نه ڪريو، ڇا اها سيڪيورٽي جي ناڪامي نه آهي؟ هن چيو ته ڀارتي حڪومت وٽ شهرين جي سوالن جا ڪي جواب نه هئا، ان لاءِ انهن ڌيان هٽائڻ جي لاءِ ائين ڪيو ۽ پاڪستان تي حملو ڪري ڇڏيو. هن چيو ته ڀارت هزارين ٽوئيٽر هينڊلز ۽ سوشل ميڊيا سائيٽس تي پابندي هڻي ڇڏي، انهن پاڪستان جي سموري ڊيجيٽل ميڊيا تي ڀارت ۾ پابندي هڻي ڇڏي ته جيئن انهن جي عوام رڳو اهو ئي ٻڌي جيڪو اهي ٻڌائڻ چاهين ٿا. ڀارت وٽ ڪو به ثبوت نه آهي ته پهلگام واقعي ۾ ڪير ملوث آهي، اهو توهان نه ٿا ڄاڻو ته توهان فوجي محاذ کولي ڇڏيو. ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف سوال اٿاريو ته ڇا اهو پهريون ڀيرو آهي جو ڀارت ائين ڪيو آهي ته دهشتگردي جي واقعي کي سياسي مفادن جي لاءِ استعمال ڪيو؟ نه انهن جي هڪ تاريخ آهي. هن سال 2000ع ۾ چَتيسنگ پورا واقعي جي حوالي سان ليفٽيننٽ جنرل (ر) ڪي ايس گل جو بيان ٻڌرايو، جنهن ۾ هو چئي رهيو آهي ته ”هن پورو منصوبو ٺاهيو، سموري لاڳاپيل معلومات گڏ ڪئي، انهن جي روٽين ڪهڙي آهي، ڪيترا مرد ۽ عورتون آهن، هٿيار ڪيترا آهن ۽ اوچتو هڪ رات چيو ته سڀ ٻاهر چيڪنگ جي لاءِ اچو، اسان چيو هو ان ۾ ڀارتي فوج ملوث هئي، جڏهن ته بي جي پي جي حڪومت پاڪستان جي خلاف پروپئگنڊه ڪرڻ چاهيندي هئي.“ ان بيان تي روشني وجهندي ڊي جي آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته ڀارت جي معصوم ماڻهن کي مارڻ جي تاريخ رهي آهي ته جيئن سياسي مقصد حاصل ڪري سگهجن. هن 2019ع ۾ پلواما واقعي تي والاريل ڪشمير جي ان وقت جي گورنر ستياپال ملڪ جو بيان ٻڌرايو، جنهن ۾ هو چئي رهيو آهي ته هو ان واقعي کي چونڊن جي لاءِ استعمال ڪرڻ چاهيندو هو ته اهو پاڪستان ڪيو ۽ اسان جا جوان ماريا ويا ۽ هاڻي انهن کي هارائينداسين ۽ اها حڪومت جي چالو پاليسي هئي. ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته انهي لاءِ اسان چئون ٿا ته اهو ڊرامو ۽ پاڪستان کان سرحد پار دهشتگردي ۽ جهادي تنظيمن جي حمايت جي هٿ ٺوڪيي الزامن جي بنياد تي فوجي ڪارروائي جو سلسلو بند ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته انهي لاءِ پاڪستان حڪومت چيو آهي ته جيڪڏهن توهان وٽ ڪي ثبوت آهن ته اهي هڪ آزاد ۽ غيرجانبداراڻي ڪميشن ۾ پيش ڪن ۽ پوءِ ان کي انهن ثبوت جو جائزو وٺڻ ڏي، توهان کي جج، جيوري ۽ سزا ڏيڻ جو اختيار ڪنهن ڏنو آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته ڀارتي فوج غلطي سان سرحد پار ڪري ويندڙ پاڪستانين ۽ ڪشميرين کي پڪڙي قيد ڪري وٺي ٿي، پوءِ انهن تي تشدد ڪري ماريو وڃي ٿو ۽ انهن کي درانداز ۽ دهشتگرد قرار ڏنو وڃي ٿو. هن غيرملڪي صحافين کي هڪ ٻار ۽ ان جي گهرڀاتين جي فوٽيج ڏيکاري چيو ته ضياءَ مصطفيٰ کي آڪٽوبر 2013ع ۾ حراست ۾ ورتو ويو هو، پوءِ ان کي آڪٽوبر 2021ع ۾ دهشتگرد قرار ڏئي شهيد ڪيو ويو. هن چيو ته اهڙي طرح پهلگام واقعي جي ٻن ڏينهن کانپوءِ شهرين کي دهشتگرد قرار ڏئي شهيد ڪري ڇڏيو. ڊي جي آءِ ايس پي آر انهن ماڻهن جي گهرڀاتين جي ڳالهه ٻولهه پڻ حاضرين کي ٻڌرائي جيڪي چئي رهيا آهن ته ٻئي ڀائر چوپايو مال ڳولڻ جي لاءِ ايل او سي ويجهو ويا هئا جن کي ڀارتي فوج فائرنگ ڪري شهيد ڪري ڇڏيو. ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري غيرملڪي صحافين کي مخاطب ٿيندي چيو ته اهي وڃن ۽ انهن حقيقتن جي تصديق ڪن. هن چيو ته ڀارتي فوج روزاني جي بنياد تي معصوم شهرين کي قتل ڪري انهن کي دهشتگرد قرار ڏي ٿي، پوءِ هٿ ٺوڪيا ۽ بي بنياد الزام پاڪستان تي هڻي ان جو پرچار عالمي ميڊيا تي ڪيو وڃي ٿو ۽ پوءِ اهي چون ٿا ته اسان حملو ڪنداسين، ڀارت اهو ئي ڪيو آهي. هن چيو ته دهشتگردي ته پاڪستان ۾ ٿي رهي آهي ۽ روزانو ٿي رهي آهي ۽ ڀارت دهشتگردي کي اسپانسر ڪري رهيو آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر ڀارتي وزيراعظم سميت ڪيترن ئي ڀارتي عهديدارن جا ڪلپس ڏيکاريا جيڪي پاڪستان جي خلاف زهر اوڳاڇي رهيا هئا، ان کانپوءِ ڀارتي بحريه جي آفيسر ڪلڀوشن ياديو جو ڪلپ ڏيکاريو ويو جنهن ۾ هو پاڪستان ۾ دهشتگردي ڪرائڻ جو اعتراف ڪري رهيو آهي. ان موقعي تي هٿيار اڇلائيندڙ دهشتگردن جي سرغنه جي ڳالهه ٻولهه ڏيکاري وئي جيڪو چئي رهيو آهي ته بلوچن جي مارجڻ ۽ دهشتگردي جي ڪاررواين جي پٺيان ڀارت جو هٿ آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته ڀارت جو نيٽ ورڪ موجود آهي، هو دهشتگردن جي تربيت ۽ انهن کي هٿيار فراهم ڪري ٿو ۽ دهستگردي جون ڪئمپون حقيقت ۾ ڀارتي سرزمين تي آهن جتان پاڪستان ۾ دهشتگردي کي فروغ ڏنو پيو وڃي. ڊي جي آءِ ايس پي آر جعفر ايڪسپريس تي حملي جي فوٽيج ڏيکاريندي چيو ته بلوچ دهشتگردن وڊيو ٺاهڻ کانپوءِ فوري طور ڀارت موڪلي ۽ اتان جي اليڪٽرانڪ ميڊيا تي سڀ کان پهرين هلائي وئي. ان موقعي تي بلوچ لبريشن آرمي جي ترجمان جي فوٽيج پڻ ڏيکاري وئي جيڪو ڀارتي ميڊيا تي ان واقعي جي ذميواري قبول ڪندي ان جا تفصيل ٻڌائي رهيو آهي. هن چيو ته ڀارت ڪئناڊا ۽ ٻين ملڪن ۾ پڻ دهشتگردي جون ڪارروايون ڪري رهيو آهي ۽ قتل جي ڪاررواين ۾ ملوث آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته پاڪستان حڪومت ۽ سيڪيورٽي ايجنسيون انهن دهشتگردن جي خلاف گهيرو تنگ ڪري رهيون آهن ۽ هن (پهلگام واقعي) جو مقصد دهشتگردي جي خاتمي جي ڪاررواين تان سيڪيورٽي ايجنسين جو ڌيان هٽائڻ به هو، اسان اهو ڄاڻون ٿا ڇو ته اسان وٽ ان جا ناقابل ترديد ثبوت موجود آهن ڇو ته پهلگام حملي کانپوءِ 100 کان وڌيڪ دهشتگرد پاڪستان ۾ داخل ٿيا هئا جن کي ڀارتي انٽيليجنس ايجنسين دهشتگردي ڪرڻ جي لاءِ موڪليو هو، انهن مان 71 دهشتگردن کي ماريو ويو هو. ڊي جي آءِ ايس پي آر غيرملڪي صحافين کي هڪ دهشتگرد ۽ ڀارتي فوج جي ميجر سنديپ جي وچ ۾ پاڪستان ۾ دهشتگردي جي ڪارروائي جي لاءِ ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه ٻڌرائي چيو ته توهان ٻڌي وٺو ته پاڪستان ۾ دهشتگردي ڪير ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ڀارتي حڪومت سئنيما ۽ ڊرامن جي دنيا کان ٻاهر اچي، ڊراما ڪرڻ بند ڪري ۽ حقيقت کي منهن ڏي. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته جنوري 2024ع کان پاڪستان ۾ دهشتگردي جا 3700 واقعا ٿيا آهن جن ۾ 1314 پاڪستاني شهري شهيد ۽ 2582 زخمي ۽ معذور ٿيا، دهشتگردي جون اهي سموريون ڪارروايون ڀارت سرانجام ڏنيون ۽ پوءِ توهان وٽ پهلگام جي واقعي جو ڪو ثبوت نه آهي. پاڪستان دهشتگردي آڏو ديوار آهي ۽ اسان دهشتگردي کي منهن ڏئي رهيا آهيون، جنوري 2024ع کانپوءِ هيستائين 77816 دهشتگردي جي خاتمي جا آپريشن ٿيا آهن، اسان روزانو دهشتگردن سان وڙهي رهيا آهيون ۽ ڀارت پنهنجي مفادن جي لاءِ دهشتگردي جي پٺڀرائي ڪري رهيو آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته پاڪستان نه رڳو پنهنجي عوام پر دنيا جي لاءِ دهشتگردي سان وڙهي رهيو آهي ۽ ڀارت ان راهه ۾ رڪاوٽ بڻجڻ چاهي ٿو، توهان اندازو ڪري سگهو ٿا ته خطي ۽ دنيا جي لاءِ ان جا نتيجا ڪهڙا نڪرندا. هن چيو ته پهلگام واقعي جا ثبوت پيش ڪرڻ بدران ان واقعي جي آڙ ۾ ڀارت ڪشمير جي مسلمانن کي نشانو بڻائڻ شروع ڪري ڇڏيو، 50 گهر بارود سان اڏايا ويا آهن ۽ اڍائي هزار کان وڌيڪ ڪشميرين کي حراست ۾ ورتو ويو آهي، ڪشمير ۾ ڀارت هاڻي اهو ڪري رهيو آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته انتهاپسندي ۽ دهشتگردي ڀارت جا داخلي مسئلا آهن پر اقليتن جي خلاف ڏاڍ ۽ هندوتوا جي فروغ جو خاتمو ڪرڻ بدران ڀارت پاڪستان ۽ ٻين ملڪن تي الزام بازي ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ڪشمير ڀارت جو داخلي مسئلو نه آهي پر ٻن ملڪن جي وچ ۾ عالمي طور تي مڃيل تڪراري خطو آهي جنهن جي قسمت جو فيصلو اتان جي عوام کي ڪرڻو آهي. سندس چوڻ هو ته پهلگام واقعو ٿئي ٿو ۽ توهان (ڀارت) ڪو ثبوت فراهم نه ٿا ڪريو، توهان هٿ ٺوڪيو ۽ ڪوڙو بيانيو ٺاهڻ شروع ڪريو ٿا ۽ ان جي بنياد تي حملو ڪريو ٿا، انهن 6 ۽ 7 مئي جي رات پاڪستان جي ڪيترين ئي جاين تي حملا ڪيا، جنهن ۾ 33 ماڻهو شهيد ٿيا، جن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل هئا جڏهن ته 62 سويلين ۽ 14 فوجي جوان زخمي ٿيا. ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چيو ته اهو انتهائي شرمناڪ آهي، ڀارتي ميڊيا کي ڏسو ته اها حملن تي اهڙي طرح جشن ملهائي رهي آهي، توهان 2 سالن جي ٻارن کي ماري ان کي قومي فتح قرار ڏئي رهيا آهيو؟ هن شهيد ٻارن جون تصويرون ڏيکاريندي چيو ته انهن کي ياد رکو، ڀارت معصوم بيگناهه ٻارن کي شهيد ڪيو آهي، هن مريدڪي ۾ شهيد مسجد ۽ قرآن جا نسخا ڏيکاريندي چيو ته ڪهڙو مذهب ان جي اجازت ڏي ٿو؟ ڪهڙو جنيوا ڪنوينشن ۽ يو اين ڪنوينشن ان جي اجازت ڏي ٿو؟ ڊي جي آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته 6 ۽ 7 مئي تي ڀارتي جنگي جهاز وڏي انگ ۾ آيا، اسان 3 رافيل، هڪ مگ 29 ۽ هڪ ايس يو 30 کي ماري ڪيرايو، اهڙي طرح ڀارت لائين آف ڪنٽرول تي اشتعال انگيز فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ خاص طور تي شهرين کي نشانو بڻايو ويو. هن چيو ته اسان ان جارحيت جو مسلسل جواب ڏئي رها آهيون ۽ اسان رڳو ڀارتي فوج جي پوسٽن کي نشانو بڻائي رهيا آهيون، اسان تمام گهڻو محتاط آهيون ڇو ته اسان بيگناهه شهرين کي نشانو بڻائڻ تي يقين نه ٿا رکون. سندس چوڻ هو ته ڀارتي حملن جو هڪ مقصد پاڪستان ۾ جاري دهشتگردي جي خاتمي واري آپريشن تان ڌيان هٽائڻ هو، ته جيئن پاڪستان ۾ دهشتگرد پنهنجون ڪارروايون وڌائي سگهن. هن چيو ته جڏهن اسان حملو ڪنداسين ته اسان کي ڀارتي ٽي وي چينلز جي ضرورت نه آهي ته اهي ان کي رپورٽ ڪن، ان جو آواز هر جڳهه تي ٻڌڻ ۾ ايندو. ڊي جي آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته ڀارت اڄ به اسرائيلي ساخته هيروپ ڊرون موڪليا، اسان هيستائين 77 ڊرون ڪيرايا آهن، هن چيو ته هڪ به ڊرون واپس ڀارت وڃي نه سگهندو، اسان سڀني کي تباهه ڪري ڇڏينداسين. هن چيو ته اسان پنهنجي سلامتي ۽ خودمختياري جو هر صورت ۾ دفاع ڪنداسين ۽ اسان ائين ڪري رهيا آهيون. ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري جو چوڻ هو ته اها انتهائي خطرناڪ صورتحال آهي ته 7 ۽ 8 مئي جي رات 4 پروجيڪٽائل فائر ڪيا ويا جيڪي لانگ رينج ميزائيل هئا، جن مان ٽن ڀارت جي اندر امرتسر کي نشانو بڻايو، جڏهن ته هڪ سرحد پار ڪري پاڪستاني فضائي حدن ۾ آيو، جنهن کي ماري ڪيرايو ويو. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته ڀارت مسلسل اها پروپئگنڊه ڪري رهيو آهي ته پاڪستان مختلف جاين تي حملا ڪيا آهن ۽ ڪري رهيو آهي، اهي سڀ هٿ ٺوڪيون ڳالهيون آهن، جيڪڏهن ڀارت پاڪستاني جهاز ۽ ڊرون ڪيرايا آهن ته گهٽ ۾ گهٽ انهن جو ملبو ئي ڏيکاري ڇڏي. هن چيو ته جيڪڏهن ڀارت کي ايتري ئي خواهش آهي ته پاڪستان ان تي حملو ڪري ته بي فڪر رهي اسان ان جي اها خواهش ضرور پوري ڪنداسين ۽ پنهنجي وقت ۽ پنهنجي مرضي موجب جواب ڏينداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مون اهڙيون خبرون ٻڌيون آهن ته پاڪ – ڀارت قومي سلامتي جي صلاحڪارن جو سڌوسنئون رابطو ٿيو آهي، آئون ان ڳالهه جي تصديق ڪريان ٿو ته انهن جي وچ ۾ ڪا ڳالهه ٻولهه ناهي ٿي. پاڪستان پاران ڀارت تي جوابي حملي بابت هڪ سوال جي جواب ۾ ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف جو چوڻ هو ته ڇڪتاڻ ڪير وڌائي رهيو آهي؟ ڪير اشتعال تي اشتعال ڏياري رهيو آهي؟ ڇا هي نئون معمول بڻائڻ چاهين ٿي ته جڏهن به اهي چاهين سرحد پار حملو ڪري ڇڏين ۽ ڪڏهن به ڊرونز موڪلي شهرين کي هراسان ڪن، ڀارت هتي دهشتگردي ڪري، توهان پاڪستان بابت ڇا ٿا سمجهو ڇا اسان ان جي اجازت ڏينداسين؟ هن چيو ته اسان وٽ پاڪستان جي عوام، ملڪي سلامتي جو دفاع ڪرڻ جو حق آهي، اسان هيستائين پنهنجو دفاع ڪري رهيا آهيون ۽ اسان کي وڏيون ڪاميابيون مليون آهن، اهي ايل او سي تي فائرنگ ڪن ٿا، اسان ڀرپور جوابي ڪارروائي ڪريون ٿا، جڏهن اهي فضا ۾ اچن ٿا، انهن کي ردعمل ملي ٿو. اسان پنهنجي مرضي جي وقت، جڳهه ۽ طريقيڪار موجب حملو ڪنداسين. ان موقعي تي ڳالهائيندي پاڪ فضائيه جي آفيسر چيو ته اسان رڳو 2 منٽن ۾ ردعمل ڏنو، وڏي انگ ۾ ڀارتي جنگي جهاز آيا، اسان جا جنگي جهاز پوزيشن تي موجود هئا، اٽڪل 60 جهاز هئا جن ۾ 14 رافيل شامل هئا. سندس چوڻ هو ته اسان پاران 42 جديد جنگي جهازن فوري ردعمل ڏنو، اسان جي حڪمت عملي هئي ته پنهنجي اسٽرينٿ موجب وڙهون، اسان وٽ هڪ پلان هو، انهن کي ائين لڳندو هو ته انهن وٽ رافيل آهي، اسان انهن کي ئي ٽارگيٽ ڪيو. هن چيو ته اهو سلسلو اٽڪل هڪ ڪلاڪ هليو، وڏي انگ ۾ ويڙهاڪ جهاز واپس هليا ويا.