تهران-09 مئي (اي پي پي) ايراني فضائيه جي ڪمانڊر حميد واحدي اعلان ڪيو آهي ته ايراني فوج جي سمورن جنگي جهازن کي هاڻي مقامي سطح تي تيار ڪيل ڊگهي فاصلي تائين هدف کي نشانو بڻائيندڙ ميزائلن، هٿيارن ۽ اوزارن سان ليس ڪيو ويو آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق هن هوابازن جي پهرين انفرادي اڏام جي تقريب سان خطاب ڪندي چيو ته ايران جي هٿيار بند فوج پوري قوت سان ملڪ جو دفاع ڪندي. هن زور ڀريو ته ملڪ هڪ نهايت حساس مرحلي مان گذري رهيو آهي ۽ اهڙن آفيسرن جي ضرورت آهي جيڪي مهارت ۽ وابستگي ۽ عزم سان ليس هجن. هن چيو ته دنيا ۾ علم روشني جي رفتار سان اڳتي وڌي رهيو آهي ۽ اسان کي به ان کان پوئتي نه رهڻ گهرجي. ايران طرفان اهو بيان اهڙي وقت تي سامهون آيو آهي جڏهن اسرائيلي دفاع واري وزير يسرائيل ڪاتز گذريل ڏينهن خبردار ڪيو آهي ته جيڪو ڪجهه اسرائيل حوثين سان ڪيو، اهوئي ايران سان به ڪندو. اهو اشارو ڪجهه ڏينهن اڳ يمن ۾ حوثي هدفن تي اسرائيلي حملن طرف هو.