پشاور -09 (اي پي پي) ملڪي واپاري اڳواڻن حاجي ميان گل ۽ ٻين چيو آهي ته واپاري برادري پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي. اسان جي فوج هڪ بهادر فوج آهي جيڪا پنهنجي ملڪ جو دفاع ڪرڻ ڄاڻي ٿي. پنهنجي بيان ۾ هنن چيو ته ڀارت پاران پاڪستان تي بزدلاڻا حملا ڪيا ويا جنهن جي ڀرپور مذمت ڪيون ٿا. حڪومت ۽ پاڪ فوج کي يقين ڏياريون ٿا ته هن مشڪل وقت ۾ واپاري برادري هر قسم جي سهڪار لاءِ تيار آهي. ان موقعي تي واپارين حڪومت ۽ پاڪ فوج سان گڏجي بيهڻ جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته واپاري برادري جاني ۽ مالي قربانيون ڏيڻ لاءِ تيار آهي.