واشنگٽن -09 مئي (اي پي پي ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ آهي ته سعودي عرب ۾ روس جي صدر ولاديمير پيوٽن سان ڪا به ملاقات طئي ناهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ صحافين کي ٻڌايو ته مئي جي وچڌاري سعودي عرب ۾ روس جي صدر سان امڪاني ملاقات شيڊول ۾ ناهي. هن وڌيڪ چيو ته مون کي نٿو لڳي ته روس سان خوشگوار ڳالهيون ٿي رهيون آهن ،ان ڪري روس جي صدر سان ملاقات جي ڳالهه ڪرڻ وقت کان اڳ آهي.