رياض-09 مئي (اي پي پي)سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان ۽ سندس آمريڪي هم منصب مارڪو روبيو پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ جي ڪوششن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي .پرڏيهي ميڊيا مطابق ٻنهن پرڏيهي وزيرن اهڙي وقت ۾ ٽيليفون تي رابطو ڪيو آهي جڏهن ڏکڻ ايشيا جي ٻنهي ملڪن وچ ۾ وڏي پئماني تي ڇڪتاڻ جو خدشو آهي. اها اڳڀرائي هڪ ڏينهن اڳ ڀارت طرفان پاڪستان جي مختلف شهرن تي ميزائل حملن کانپوءِ ٿي آهي جنهن ۾ 31 ماڻهو شهيد ۽ 57 زخمي ٿيا آهن. ايلون مسڪ ۽ زڪربرگ سميت اهم آمريڪي سيڙپڪار ايندڙ هفتي سعودي عرب جو دورو ڪندا.