راولپنڊي – 08 – مئي (اي پي پي) ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري پريس بريفنگ ۾ ثبوت سامهون رکندي چيو ته ڀارتي علائقي آدم پور مان چار پروجيڪٽائل فائر ڪيا ويا، ڀارت امرتسر جي علائقي تي پروجيڪٽائل فائر ڪيا، هڪ پروجيڪٽائل عالمي سرحد پار ڪري پاڪستان ۾ داخل ٿيو، ان پروجيڪٽائل کي منڊي بهاءُ الدين ويجهو ڊينگه جي مٿان غيرفعال ڪري ڪيرايو ويو. هن چيو ته پاڪستان طرف جيڪا شيءَ اوڀر جي طرف کان اچي ٿي ان تي پاڪ فوج جي ڪڙيءَ نظر هوندي اهي، جڏهن اهو پروجيڪٽائل پاڪستان طرف اچي رهيو هو ته ايئر ڊفينس سسٽم ان کي مانيٽر ڪري رهيو هو، پروجيڪٽائل جي ٽريجڪٽري کي ڏسندي ان کي آپريشنل طريقيڪار تحت ڪيرايو ويندو آهي. ايئر ڊفينس سسٽم پروجيڪٽائل کي انتهائي مهارت سان منڊي بهاءُ الدين ويجهو ڊينگه جي مٿان غيرفعال ڪري ڪيرايو، اهو پروجيڪٽائل ظاهري طور تي هڪ ميزائيل لڳي رهيو آهي جنهن جو پتو فرانزڪ کانپوءِ ئي لڳايو ويندو، پروجيڪٽائل جي ساخت ۽ ٻيا تفصيل به فرانزڪ کانپوءِ ئي سامهون ايندا. دفاعي ماهرن جو چوڻ آهي ته ڊي جي آءِ ايس پي آر جو ثبوت جي بنياد تي ڀارت کي بي نقاب ڪرڻ ان ڳالهه کي ظاهر ڪري ٿو ته ڀارت شديد بوکلاهٽ جو شڪار آهي. هن چيو ته ڀارتي پروجيڪٽائل (ميزائل) کي وقت سر غيرفعال ڪري ڪيرائڻ پاڪستان جي مضبوط ايئر ڊفينس سسٽم جو واضح ثبوت آهي. ڀارت پهلگام فالس فليگ آپريشن کانپوءِ پاڻ ئي پروجيڪٽائل امرتسر تي هڻي الزام پاڪستان تي وجهڻ جي ڪڌي ڪوشش ڪئي.