راولپنڊي-08 مئي (اي پي پي) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز جي هدايت تي راولپنڊيءَ جي ضلعي انتظاميه شهري بچاءَ واري کاتي ۽ ريسڪيو 1122 کي فعال ڪندي فرضي مشقن جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. شهري بچاءَ واري کاتي جي چيف آفيسر طالب حسين ”اي پي پي“ کي ٻُڌايو ته سڄي صوبي وانگر راولپنڊي ۾ به هنگامي صورتحال کي مُنهن ڏيڻ لاءِ فرضي مشقن جي شروعات ڪئي وئي آهي. هن ٻُڌايو ته ان مشقن دوران هنگامي صورتحال ۾ سول ڊفينس ذريعي شهرين جي مدد ۽ رهنمائي ڪئي ويندي. راولپنڊي ضلعي ۽ تعلقن ۾ 38 وارننگ پوسٽون قائم ڪيون ويون آهن جڏهن ته 16 هنڌن تي سائرن به فعال ڪيا ويا آهن. پهريون ڀيرو عورت رضاڪارن به جنگي ۽ ريسڪيو تربيت شروع ڪئي آهي. هن ٻُڌايو ته راولپنڊي ضلعي ۾ 3500 رضاڪارن جي جنگي ۽ ريسڪيو عملي جي تربيت شروع ڪري ڇڏي آهي. تربيتي مشقون ڪئنٽ ٿاڻي جي اڱڻ ۽ مشن اسڪول راجا بازار ۽ سول ڊفينس هيڊ آفيس ۾ جاري آهن. ڊينيز هائر سيڪنڊري اسڪول ۾ جنگي ۽ ريسڪيو تربيت جي شروعات 24 ڪلاڪن ۾ ٿي ويندي.