مظفر آباد-08 مئي (اي پي پي) آزاد ڄمون ڪشمير جي سپريم ڪورٽ ۾ عدالتي ڪارروائي جي شروعات تي آزاد ڄمون ڪشمير جي چيف جسٽس راجا سعيد اڪرم خان جي سربراهيءَ ۾ فل ڪورٽ ريفرنس منعقد ٿيو. فل ڪورٽ ريفرنس ۾ جسٽس خواجه محمد نسيم سينيئر جج سپريم ڪورٽ، جسٽس رضا علي خان، آزاد ڄمون ڪشمير جو ايڊووڪيٽ جنرل ڪشمير سپريم ڪورٽ بار هاءِ ڪورٽ بار سينٽرل بار جي عهديدارن ۽ سينيئر وڪيلن سميت سپريم ڪورٽ جي آفيسرن شرڪت ڪئي. ريفرنس کي آزاد ڄمون ڪشمير جي چيف جسٽس خطاب ڪندي ڀارت طرفان رات جي اونداهيءَ ۾ هٿين خالي شهرين تي گولا باريءَ کي بزدلاڻو عمل قرار ڏيندي ان جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. هن چيو ته اهڙن قدمن سان اسان جا حوصلا ڪمزور نٿا ٿي سگهن. ان حملن ۾ اسان جي معصوم ٻارن، عورتن ۽ـ هٿين خالي شهرين کي نشانو بنايو ويو آهي، جيڪو عالمي قانونن جي سنگين ڀڃڪڙي آهي. عالمي برادري کي گهرجي ته ڀارت جي ان قدمن جو نوٽيس وٺي. هن وڌيڪ چيو ته اسان جون عدالتون کليل آهن سموريون سرڪاري آفيسون ۽ ڪاروباري ادارا ڪم ڪري رهيا آهن. هن پوري پاڪستاني ۽ ڪشميري عوام جي بلند حوصلن کي داد ڏيندي زبردست خراجِ تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته ڀارتي حملن سان اسان خوفزده ناهيون پر اڳ کان وڌيڪ عوام روڊن تي نڪري اتحاد ۽ يڪجهتيءَ جو اظهار ڪيو آهي. هن پاڪستان جي هٿياربند فوج ۽ فضائيه کي ڀرپور خراجِ تحسين پيش ڪندي چيو ته اسان جي شاهينن دشمن جي جهازن جي اُڏام کان اڳ ئي انهن کي تباهه ڪري هڪ تاريخ لکي آهي جنهن تي کين خراجِ تحسين پيش ڪريان ٿو. هن ڀارتي حملن ۾ شهيد ۽ زخمي ٿيل سمورن شهرين جي وارثن سان تعزيت ۽ يڪجهتيءَ جو اظهار ڪندي کين خراجِ عقيدت پيش ڪيو ۽ چيو ته پوري قوم اوهان سان گڏ آهي. ڪشميري عوام جي آزاديءَ واري جذبي کي اهڙيءَ طرح جي مڪار ۽ بزدلاڻن حرڪتن سان ڪوبه نقصان نٿو پهچائي سگهجي. پاڪستان ۽ آزاد ڄمون ڪشمير جو عوام پنهنجي ڌرتيءَ جي حفاظت لاءِ پنهنجي هٿياربند فوج سان شيهي جي ڀت وانگر بيٺل آهي. اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن ڪشميري عوام لاءِ آزاديءَ جو سج اُڀرندو. هن وڌيڪ چيو ته 8 کان 10 مئي تائين آزاد ڪشمير جو سپريم ڪورٽ 50 سالن واري گولڊن جوبلي جي تقريبن جو پروگرام غير معمولي صورتحال کي نظر ۾ رکندي ملتوي ڪيو ويو آهي ڇاڪاڻ ته هڪ طرف شهيدن جا جنازا کڄي رهيا آهن اهڙي صورتحال ۾ ڪانفرنس جو ٿيڻ مناسب نٿو لڳي. گولڊن جوبلي تقريبن ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان ٻين ججن سميت صوبائي چيف جسٽس، اٽارني جنرل پاڪستان بار ڪائونسل ۽ سپريم ڪورٽ ۽ ٻين بار ايسوسيئيشن جي اڳواڻي ۽ آزاد ڄمون ڪشمير جي انصاف واري نظام سان واڳيلن طرفان گولڊن جوبلي تقريبن جو پروگرام فائنل ٿي چڪو هو ان موقعي تي اوهان سڀني جو شڪريو ادا ڪريان ٿو. گولڊن جوبلي تقريب جو بندوبست بنيادي طور ڀارتي والاريل ڄمون ڪشمير جي عوام کي هڪ مثبت پيغام ڏيڻ هو جن جي قسمت جا فيصلا دهلي ۾ ٿين ٿا جڏهن ته آزاد ڄمون ڪشمير جي عوام جا فيصلا پنهنجي رياست جي آئين تحت قائم سپريم ڪورٽ ۾ ٿين ٿا. آزاد ڄمون ڪشمير جي چيف جسٽس چيو ته ججن ۽ آزاد ڄمون ڪشمير جي سڀني وڪيلن طرفان گولڊن جوبلي تقريب ۾ شرڪت لاءِ راضپي جو اظهار ڪندڙ پاڪستان، آزاد ڄمون ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي سڀني مهمانن جو شڪريو ادا ڪريان ٿو. انشاءَ الله تمام جلدي نئين سر گولڊن جوبلي تقريب لاءِ تاريخن جو اعلان ڪيو ويندو، اسان ٻيهر اوهان سڀني کي شرڪت جو موقعو ڏينداسين. ريفرنس جي پڄاڻيءَ تي سڀني شرڪت ڪندڙن استحڪام پاڪستان ملڪي سلامتي ۽ هٿياربند فوج جي ڪاميابين سان گڏوگڏ ڀارتي حملن ۾ شهيد ٿيل شهرين کي خراجِ عقيدت پيش ڪندي انهن جي روح کي ثواب پهچائڻ لاءِ فاتحه خواني ڪئي ۽ زخمين جي جلد صحتيابيءَ لاءِ دُعا ڪئي.