اسلام آباد – 08 – مئي (اي پي پي) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جمعي ڏينهن 9 مئي تي سڄي ملڪ ۾ ”وطن جي دفاع جو ڏهاڙو“ ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي ۽ عالمن کي اپيل ڪئي آهي ته جمعي ڏينهن ميڙاڪن ۾ ڀارت جي جارحيت جي مذمت جي قرارداد منظور ڪرائين ۽ پنهنجي وطن جي دفاع لاءِ هر قرباني ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪن. مولانا امجد خان ۽ حافظ غضنفر عزيز موجب جي يو آءِ جي سربراهه چيو ته ملڪ جي دفاع لاءِ اسان سڀ هڪ آهيون اسان جي بهادر فوج جيڪا وڏي مضبوطي ۽ جرئت سان وطن جي دفاع لاءِ دشمن آڏو بيٺل آهي، پوري قوم انهن جي پٺيان بيٺل آهي. هن چيو ته وطن جو دفاع ڪرڻ اسان تي فرض به آهي ۽ اسان جو ايماني حق آهي، هن عالمن کي اپيل ڪئي ته اهي ڀارتي دهشتگردي ۽ ڏاڍ ۽ جارحيت جي خلاف قراردادون پڻ منظور ڪرائين، هن چيو ته دشمن جي خلاف پوري قوم متحد آهي ۽ دشمن جي هر جارحيت جو جواب ڏيڻ جي لاءِ شيهي جي ديوار آهي.