اسلام آباد – 07 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحيٰ سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سيڪريٽري جنرل کي ڀارت جي تازي غيرقانوني حملن سبب پيدا ٿيندڙ سنگين علائقائي صورتحال کان آگاهه ڪيو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان جي خودمختياري جي اها خلاف ورزي هڪ کليل جنگي قدم جي برابر آهي جنهن جي نتيجي ۾ معصوم شهري شهيد ٿيا ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام کي شديد خطرو پيدا ٿيو آهي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل تي زور ڏنو ته هو پهلگام حملي کانپوءِ اسلامو فوبيا، نفرت تي ٻڌل تشدد ۽ ٽارگيٽيڊ حملن ۾ خطرناڪ حد تائين اضافي جي ڏس ۾ ڀارت ۽ والاريل ڪشمير ۾ مسلمانن جي حقن جي تحفظ لاءِ ڪوششون جاري رکي. سيڪريٽري جنرل معصوم شهرين جي شهادت تي دلي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. هن باني ميمبر جي حيثيت سان پاڪستان جي لاءِ او آءِ سي جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو ۽ ڪشميري عوام سان تنظيم جي مضبوط يڪجهتي کي ورجائيندي ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي حل جي ضرورت تي زور ڏنو.