اسلام آباد – 07 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڀارت جي اشتعال انگيز جارحيت کانپوءِ ترڪيه جي پاڪستان سان يڪجهتي ۽ حمايت کي ساراهيندي چيو آهي ته پاڪستان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت تي ڀارت جي بزدلاڻي حملي ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام کي شديد خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي ۽ اهو ناقابل قبول آهي. ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان چيو آهي ته ترڪيه صورتحال جي ڇڪتاڻ کي گهٽ ڪرڻ جي حمايت ڪري ٿو ۽ پاڪستان جي پراڻي دوست جي طور تي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف کي ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان ٽيليفون ڪئي. وزيراعظم ڀارت جي اشتعال انگيز جارحيت کانپوءِ ترڪيه جي پاڪستان سان يڪجهتي ۽ حمايت کي ساراهيو. هن ڀارت جي ميزائيل حملن جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ 26 بيگناهه مرد، عورتون ۽ ٻار شهيد ٿيا. هن چيو ته پاڪستان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت تي ڀارت جي بزدلاڻي حملي ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام کي شديد خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي ۽ اهو ناقابل قبول آهي. صدر اردوان پاڪستاني شهرين جي قيمتي جانين جي زيان تي دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. هن ڏکڻ ايشيا ۾ امن جي لاءِ پاڪستان جي عزم کي ساراهيندي پاڪستاني عوام سان ترڪيه جي يڪجهتي جو ورجاءُ ڪيو. خطي ۾ امن جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي وزيراعظم پوري قوت ۽ طاقت سان پنهنجي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي دفاع لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ڀارت جي بنا ڪنهن ثبوت فراهم ڪرڻ جي پهلگام واقعي ۾ پاڪستان کي ڪوڙ جي بنياد تي ملوث ڪرڻ جي ڪوششن کي واضح طور تي رد ڪري ٿو. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ڀارت ان واقعي جي غيرجانبداراڻي ۽ شفاف عالمي جاچ جي آڇ جو جواب نه ڏنو ۽ ان جي بدران جارحيت ۽ غيرجانبداراڻي رياستي رويي جو خطرناڪ رستو اختيار ڪيو. صدر اردوان ٻڌايو ته ترڪ پرڏيهي وزير نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار سان اڄ ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي ۽ ٻنهي موجوده صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي. هن چيو ته ترڪيه صورتحال جي ڇڪتاڻ کي گهٽ ڪرڻ جي حمايت ڪري ٿو ۽ پاڪستان جي پراڻي دوست جي طور تي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي. هن چيو ته ترڪ قوم پاڪستان جي سفارتي قدمن جي ڪاميابي جي لاءِ دعاڳو آهي.