اسلام آباد – 07 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قومي سلامتي، ملڪي سالميت ۽ علائقائي خودمختياري جو تحفظ ۽ دفاع هر قيمت تي يقيني بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته ڀارت کي پنهنجي جارحيت جي ڀيانڪ غلطي جو ڪِيتو ضرور ڀوڳڻو پوندو، اسان وچن ڪريون ٿا ته انهن شهيدن جي رت جي هڪ هڪ ڦڙي جو ضرور حساب وٺنداسين، پاڪستان روايتي هٿيارن جي جنگ ۾ پنهنجي برتري دشمن تي هڪ ڀيرو ٻيهر ثابت ڪئي آهي، اسان پاڻ کان تمام گهڻي وڏي دشمن ڀارت جي جارحيت جو ڏند کٽا ڪندڙ جواب ڏنو جنهن سان دشمن جون رڙيون نڪري ويون، ڀارت پاڪستان تي حملي سان اسان جو ڌيان دهشتگردي کي منطقي انجام تائين پهچائڻ تان هٽائي نه ٿو سگهي، پوري قوم ملڪ جي دفاع لاءِ هٿياربند فوج سان گڏ لشڪر جرار بڻجي وڙهڻ لاءِ تيار بيٺل آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن قوم کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته گذريل رات ڀارت جارحيت ڪري جيڪا ڀيانڪ غلطي ڪئي ان جو ڪِيتو هاڻي ان کي ضرور ڀوڳڻو پوندو، شايد اهو سمجهي ويٺا هئا ته اسان پٺتي هٽي وينداسين پر هو اها ڳالهه وسري ويا ته هي بهادرن جي اها قوم آهي جيڪا پنهنجي عزم ۾ فولادي آهي جنهن جي سپوتن پاڻ کي جنگ جي ميدان سان نکاريو آهي جيڪي پنهنجي وطن جي عزت ۽ حفاظت جي لاءِ رت جي آخري ڦڙي تائين وڙهڻ لاءِ تيار آهن. هن چيو ته گذريل رات پوري دنيا ڏسي ورتو ته عددي لحاظ کان اسان کان تمام گهڻي وڏي دشمن کي گوڏا کوڙڻ ۾ رڳو ڪجهه ڪلاڪ لڳا ۽ الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان اسان جي شاهينن فضائن ۾ اهڙو طوفان برپا ڪيو جو دشمن جون رڙيون نڪري ويون، ڀارت جا 5 جنگي جهاز ماري ڪيرايا ويا جن تي انهن کي غرور هو، اهي ڦلهيار، مٽي جو ڍير ۽ نشان عبرت بڻجي چڪا آهن، اهو اسان جو ڏند کٽا ڪندڙ جواب هو جنهن ۾ اسڪوارڊرن ليڊر ايم ايم عالم جي گرج هئي جيڪا ڪالهه رات ٻيهر پوري زور سان گونجي ۽ اسان جي شاهينن دشمن تي اهڙي ڪاري ضرب لڳائي جيڪا وقت جو مرهم به ڪڏهن نه ڀري سگهندي. هن چيو ته ڀارت جي بزدلاڻي حملن ۾ 26 معصوم شهري شهيد ۽ 46 زخمي ٿيا، انهن ۾ ٻار ۽ عورتون شامل آهن، هڪ شهيد ٻار ارتضيٰ عباس جي جنازي ۾ شرڪت ڪئي آهي، ان جي عمر 7 سال هئي، پنهنجي والده ۽ ڀاءُ سان گڏ گهر ۾ هو ۽ حملي ۾ شهيد ٿيو، ننڍڙو گل کلڻ کان اڳ ئي مرجهائجي ويو، شهادت جي بلند رتبي تي فائز ٿيو، اهڙن ئي ٻين عظيم پاڪستاني شهيدن کي قوم خراج عقيدت پيش ڪري ٿي، پورو پاڪستان انهن شهيدن جي خاندانن سان گڏ آهي ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعاڳو آهي. وزيراعظم چيو ته اسان اهو وچن ڪريون ٿا ته انهن شهيدن جي رت جي هڪ هڪ ڦڙي جو ضرور حساب وٺنداسين، هي اهو بزدل دشمن آهي جيڪو معصوم انسانن تي وار ڪري پاڻ کي طاقتور سمجهي ٿو. وزيراعظم چيو ته گذريل رات اسان ثابت ڪيو ته پاڪستان پنهنجي دفاع ۾ منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ ڄاڻي ٿو، اڄ پوري قوم پنهنجي بهادر فوج جي جرئت ۽ بهادري کي سلام پيش ڪري ٿي. هن چيو ته لائين آف ڪنٽرول تي هڪ ڪلاڪ تي ٻڌل فضائي جنگ ۾ پاڪستاني پائليٽن پنهنجي سرحدي حدن ۾ رهندي اعليٰ ترين پيشيواراڻي مهارت، بهادري ۽ بي مثال شجاعت سان دشمن جي جهازن کي تباهه ڪري ڇڏيو، ان معرڪي ۾ پاڪستان روايتي هٿيارن جي جنگ ۾ پنهنجي برتري دشمن تي هڪ ڀيرو ٻيهر ثابت ڪئي آهي. هن چيو ته چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا، هٿياربند فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير، پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر مارشل ظهير احمد سدهو ۽ پاڪ بحريه جي سربراهه نويد اشرف سميت پاڪ فوج جي هر سپاهي ۽ آفيسر کي سلام پيش ڪريون ٿا ۽ يقين ڏياريان ٿو ته 24 ڪروڙ پاڪستانين کي توهان تي فخر ۽ ناز آهي. شهباز شريف چيو ته پهلگام واقعي جي آڙ ۾ پاڪستان تي حملو بي بنياد ۽ بنا جواز آهي، امن پسند ملڪ جي طور تي پاڪستان ان واقعي جي غيرجانبداراڻي، شفاف ۽ معتبر جاچ جي آڇ ڪئي هئي جنهن جي سڄي دنيا ڀرپور تائيد ڪئي پر ڀارت عالمي قانون ۽ عالمي گهرجن کي پائمال ڪندي جارحيت جو رستو اختيار ڪيو، عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي قراردادن موجب والاريل ڄمون ۽ ڪشمير هڪ مڃيل تڪرار هو، آهي ۽ ان وقت تائين رهندو جيستائين ڪشميري ڀينرن ۽ ڀائرن کي گڏيل قومن جي نگراني هيٺ آزاداڻي، غيرجانبداراڻي ماحول ۾ ريفرنڊم نه ٿو ٿي وڃي، ڀارت جيترا هڪطرفا فيصلا ڪري وٺي پر ان سان حقيقت ڪڏهن به تبديل نه ٿيندي. هن چيو ته هن خطي ۾ دهشتگردي کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪ پاڪستان آهي، اسان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ 90 هزار قيمتي جانيون پيش ڪيون آهن، 152 ارب ڊالر جو مالي نقصان برداشت ڪيو آهي، اهو ڀارت جو خام خيال آهي ته ان جي موجوده مهم جوئي دهشتگردي جي خاتمي جي جنگ تان اسان جو ڌيان هٽائي سگهندي، اسان ان جنگ کي منطقي انجام تائين پهچائي سُک جو ساهه کڻنداسين. هن چيو ته پاڪستان جي عزت، سالميت ۽ دفاع لاءِ پاڪ فوج ۽ عوام هڪ جان ۽ ٻه دل آهن، 24 ڪروڙ پاڪستاني پنهنجي بهادر فوج سان هڪ جري لشڪر بڻجي دشمن جو مقابلو ڪندا ۽ باطل کي شڪست ڏيندا، توهان جي وطن جي سالميت جي لاءِ عزم ۽ همت ۽ جذبي کي سلام پيش ڪريون ٿا، توهان سچائي جي لاءِ وڙهي رهيا آهيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي خطاب جي شروعات قرآن پاڪ جي آيت سان ڪئي.