راولپنڊي – 07 مئي (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير ايئر هيڊڪوارٽر جو دورو ڪيو جتي چيف آف ايئر اسٽاف ايئر چيف مارشل ظهير احمد سدهو سندس گرمجوشي سان استقبال ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف سيد عاصم منير چيف آف ايئر اسٽاف ۽ ايئر فورس جي شاهينن کي ڀارتي ايئرفورس پاران ڪئي ويندڙ جارحيت جي ڪڌي منصوبي کي فوري طور تي ناڪام بڻائڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو. آرمي چيف پاڪستان ايئر فورس کي هڪ ڀيرو ٻيهر دشمن جا ڪيترائي جهاز ماري ڪيرائڻ ۽ پنهنجو پاڻ کي مڃرائڻ تي تمام گهڻو ساراهيو. آرمي چيف ٽنهي سروسز جي وچ ۾ بهترين تعاون کي پڻ ساراهيو. ملاقات دوران ان عزم کي ورجايو ويو ته ڪنهن کي به پاڪستان جي جاگرافيائي سالميت جي خلاف ورزي نه ڪرڻ ڏني ويندي ۽ جيڪو به ان جي ڪوشش ڪندو، ان جي قيمت ادا ڪندو.