اسلام آباد – 07 مئي (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ايم اين اي حاجي رسُول بخش چانڊيو پاڪ فوج جي بهادري تي کين خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي ان کان وڏي ڪاميابي ٻي ڪهڙي هُوندي جو جن ويڙهاڪ جهازن تي ڀارت نچي رهيو هو انهن کي پاڪ فوج جي شاهينن ڪُجهه منٽن ۾ باهه جي شعلن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو هاڻ ته عالمي ميڊيا به ان ڳالهه کي تسليم ڪري ورتو آهي ته پاڪستان ڀارت جا جهاز ماري ڪيرايا آهن. پنهنجي هڪ بيان ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ايم اين اي حاجي رسُول بخش چانڊيو چيو ته پاڪستان جو ٻچو ٻچو پنهنجي مُلڪ جي دفاع لاءِ دشمن سان وڙهندو، هِن چيو ته ڀارت جو تڪبر پاڪ فوج ٽوڙي ڇڏيو آهي، هاڻ هُو اڳتي وڌڻ کان اڳ سئو ڀيرا سوچيندو، هِن چيو ته پاڪستان جي امن جي ڳالهين کي اسان جي ڪمزوري سمجهيو ويو، پر پاڪستان هڪ ذميدار مُلڪ آهي اُن لاءِ هُن هر اها آڇ ڪئي جيڪا هڪ ذميدار مُلڪ ڪندو آهي، هِن چيو ته جيڪڏهن پاڪستان چاهي ها ته ان کان اڳ کوڙ ڀيرا ڀارت تي حملا ڪرڻ جا موقعا آيا هُئا، جعفر ايڪسپريس، سمجهوتا ايڪسپريس کان ويندي پاڪستان اندر دهشتگردي جي هر واردات تي پاڪستان حملو ڪري پئي سگهيو، هِن چيو ته ڀارت دُنيا جو واحد مُلڪ آهي جيڪو پنهنجي ادارن جي ناڪامي تي ڪنهن مُلڪ تي حملو ڪري ٿو، هِن چيو ته ان مان دُنيا اندازو لڳائي ته ڀارت هِن وقت خطي سميت پُوري دُنيا لاءِ ڪيترو خطرو بڻجي ويو آهي، هِن چيو ته پاڪستان جي ان کان وڏي ڪاميابي ٻي ڪهڙي هُوندي جو جن ويڙهاڪ جهازن تي ڀارت نچي رهيو هو انهن کي پاڪ فوج جي شاهينن ڪُجهه منٽن ۾ باهه جي شعلن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو ۽ رافيلن جو رائتو بڻجي ويو، هِن چيو ته هاڻ ته عالمي ميڊيا به ان حقيقت کي رپورٽ ڪري پئي ته پاڪستان ڀارت جا جهاز ماري ڪيرايا آهن، ان کان وڌيڪ ڀارت کي ٻيو ڪهڙو ثبوت کپي، مُودي ۽ ڀارت جي ٻي قيادت اڃان ڀلا ڪيترو پنهنجي عوام سان ڪُوڙ ڳالهائيندي رهندي.