اسلام آباد-07 مئي (اي پي پي) هائوسنگ اينڊ ورڪس بابت وفاقي وزير ميان رياض حسين پيرزاده، ڀارت طرفان بنا جواز حملن جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته مسجدن، عبادت گاهن ۽ معصوم شهرين کي نشانو بڻائڻ بزدلاڻو فعل آهي. هائوسنگ وزارت جي ترجمان مطابق پاڪستان تي ڀارت جي بزدلاڻي حملي تي وفاقي وزير ميان رياض حسين پيرزاده پنهنجي ردعمل ۾ چيو ته ڀارت جو بنا جواز حملو انتهائي مذمت جوڳو آهي، آبي وسيلن تي جنگ سڄي خطي جي سلامتي کي خطري ۾ وجهي ڇڏيندي. هن چيو ته ڀارتي جارحيت جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو، پاڪستاني فوج هڪ پروفيشنل ۽ دنيا جي بهترين فوج مان هڪ آهي، ملڪ جا محافظ ان جو دفاع ڪرڻ ڄاڻين ٿا. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستاني عوام پنهنجي بهادر فوج سان گڏ آهي.