ڪراچي-07 مئي (اي پي پي) سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه ملڪي سلامتي جي صورتحال تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته دشمن ملڪ، پاڪستان جي پنجن مختلف هنڌن تي بزدلاڻا حملا ڪيا آهن، پاڪستان، ڀارت طرفان مڙهيل جنگي ماحول جو اثرائتو ۽ ڀرپور جواب ڏيڻ جو مڪمل حق رکي ٿو ۽ جواب ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته قوم جا حوصلا بلند آهن. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هن وڌيڪ چيو آهي ته قوم پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي. سيد اويس قادر شاهه چيو ته پاڪستاني قوم ۽ فوج جا جوان دشمن جي هر سازش کي ناڪام بڻائڻ جي مڪمل صلاحيت رکن ٿا. دشمن کي پنهنجي ناپاڪ ارادن ۾ ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين.