اسلام آباد-07 مئي (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ چيو آهي ته پاڪستان پهرين ئي پهلگام واقعي جي جاچ جي آڇ ڪري چڪو آهي، بنا ڪنهن ٺوس ثبوت جي ڀارت جي اها جارحيت قبولڻ جوڳي ناهي، پاڪستاني فوج دفاع لاءِ تيار ۽ مڪمل طور تي چوڪس آهي. اهڙو اظهار هن ڪينيڊين هاءِ ڪميشن جي سياسي ۽ واپاري قونصلر ڊينيل آرسنالٽ سان ملاقات دوران ڪيو. پيٽروليم ڊويزن طرفان جاري پڌرائي موجب ملاقات ۾ صاف توانائي، معدنيات ۽ جيولوجيڪل سروي جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي وفاقي وزير ڪينيڊا جي وزيراعظم مارڪ ڪارني کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪون به ڏنيون. ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ تازي ڇڪتاڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ڪينيڊين قونصلر آرسنالٽ خطي ۾ وڌيڪ عدم استحڪام کي روڪڻ لاءِ پرامن رستو اختيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. هن ڳتيل آبادي وارن علائقن ۾ حملن تي ڪينيڊا جي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ پرامن حل تي زور ڀريو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته ڇڪتاڻ ۾ جلد گهٽتائي اچي ويندي. وفاقي وزير علي پرويز ملڪ ڀارت طرفان شهري آبادي تي حملن جي سخت مذمت ڪندي چيو ته هي عالمي قانون ۽ انساني اصولن جي کليل ڀڃڪڙي آهي ۽ ڀارت جي پنهنجي شهرين جي حفاظت ڪرڻ ۾ ناڪامي جي مايوسي جو اظهار آهي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان پهرين ئي پهلگام واقعي جي جاچ جي آڇ ڪري چڪو آهي، بنا ڪنهن ٺوس ثبوت جي ڀارت جي اها جارحيت قبولڻ جوڳي ناهي، پاڪستاني فوج دفاع لاءِ تيار ۽ مڪمل چوڪس آهي. ملاقات ۾ پائيدار توانائي جي ترقي ۾ تعاون تي به غور ڪيو ويو. ٻنهي ڌرين صاف توانائي، ٽيڪنالاجيز، معدنيات ۽ پاڪستان ۽ ڪينيڊا وچ ۾ واپار کي وڌائڻ جي گڏيل قدمن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. وفاقي وزير ڪينيڊين ڪمپنين کي پاڪستان ۾ ايڪسپلوريشن سيڪٽر ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني جنهن ۾ آن شور ۽ آف شور ٻنهي ۾ وڏا موقعا موجود آهن. ڪينيڊين قونصلر فني مدد پارٽنرشپ (ٽي اي پي) پروجيڪٽ تحت جيولوجيڪل سروس آف پاڪستان ۽ ڪينيڊا وچ ۾ تعاون جي موقعن تي روشني وڌي. هن ڪينيڊا ۾ ٿيل گلوبل انرجي شو ۾ شرڪت جي پڻ دعوت ڏني. وفاقي وزير پاڪستان سان تعاون وڌائڻ ۾ ڪينيڊا جي دلچسپي کي خوش آمديد ڪيو. هن چيو ته پاڪستان گهٽ وقت ۾ وڏي ترقي ڪئي آهي ۽ معيشت کي مضبوط بڻائڻ لاءِ اهم قدم کنيا آهن. پاڪستان ڪينيڊا جي مهارتن ۽ سيڙپڪاري مان فائدو کڻڻ ۾ گهري دلچسپي رکي ٿو ته جيئن معاشي تبديلي جا هدف حاصل ڪري سگهجن. ملاقات ۾ ٻنهي پاسن کان گڏيل افهام و تفهيم ۽ معاشي تعاون کي هٿي ڏيڻ لاءِ باقاعده رابطو برقرار رکڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو.