اسلام آباد-07 مئي (اي پي پي)ڀارت جي بزدلاڻي حملي جي ردِعمل ۾ پاڪ فضائيه جي طاقت کان دنيا تمام گهڻي متاثر ٿي آهي، جڏهن ته لاڳاپيل عالميٽ مارڪيٽ پڻ پاڪ فضائيه جي استعمال هيٺ جهاز جي صلاحيتن تي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪيو آهي. ميڊيا رپورٽن مطابق پاڪ فضائيه جي تازي ڪامياب ڪاررواين کانپوءِ جي ايف 17 جهاز ٺاهيندڙ ڪمپنيءَ جي شيئرز ۾ 18 سيڪڙو کان وڌيڪ اضافو ٿي ويو آهي. عالمي سطح تي سيڙپڪارن پاڪستاني جنگي جهازن کي ساراهيو، چنگڊو ڪمپنيءَ جي شيئرز ۾ پڻ اضافو ڏٺو ويو. دفاعي ماهرن جو چوڻ آهي ته ڀارت جي رافيل ٺاهيندڙ ڊسا والٽ ايوي ايشين جا شيئرز گهٽ ٿي رهيا آهن. پاڪستان جي استعمال ڪيل جي ايف 17 ۽ جي-10 سي جهاز عالمي توجهه جو مرڪز بڻجي چڪا آهن. دفاعي ماهرن طرفان ڀارتي جهاز رافيل جي ناڪام ڪارڪردگيءَ تي سوال اُٿاريا ويا آهن.