راولپنڊي – 07 مئي (اي پي پي) پاڪ فوج ڀارتي بزدلاڻن حملن بعد جوابي وار ۾ ھيستائين 3 سيڪٽرن تي ڀارتي فوج شڪست تسليم ڪندي اڇو جھنڊو ڦڙڪائي ڇڏيو. سيڪيورٽي ذريعن مطابق رات جي انڌيري ۾ دشمن ڀارت پاڪستان جي 6 مختلف ھنڌن تي ميزائل فائر ڪيا ھئا جنھن جي فوري بعد پاڪستان جي ھٿياربند فوج جوابي وار شروع ڪيا جيڪي اربع ڏينھن منجھند تائين جاري رھيا. ڀارت جو بزدلاڻي حملي بعد پاڪ فوج جي جوابي حملي دوران ڀارتي فوج سانگھڙ پوسٽ بلمقابل چري ڪوٽ سيڪٽر تي به اڇو جھنڊو لھرائي ڇڏيو. پاڪستان آرمي طرفان لائن آف ڪنٽرول تي دشمن جي پوسٽن کي تمام گهڻو نقصان پھچائڻ جو سلسلو جاري رھيو. ان کان اڳ ليپه، چورا ڪمپليڪس پوسٽ ۽ چڪوٺي سيڪٽر ۾ به ڀارتي فوج اڇو جھنڊڦڙڪائي ڇڏيو. جنگ دوران اڇو جھنڊو لھرائڻ جو مطلب، شڪست تسليم ڪرڻ آھي. پاڪستان طرفان جوابي ڪارروائي جي نتيجي ۾ ڀارت مونجھاري ۽ خوف ۾ مبتلا ٿي چڪو آھي.