ڪوئيٽا -07 مئي (اي پي پي) بلوچستان جي گورنر جعفر خان مندوخيل، پاڪستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ هٿين خالي شهرين تي ڀارت جي بنا جواز حملن جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي انهن کي عالمي قانون جي کليل ڀڃڪڙي قرار ڏنو آهي. هن خطي ۾ جٽادار امن جي ضرورت تي زور ڀريو ۽ هر عالمي فورم تي ڀارتي جارحيت خلاف آواز اٿارڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. گورنر مندوخيل چيو ته معصوم شهرين ۽ سندن ملڪيتن کي نشانو بڻائڻ سان ڀارت جي جارحيت دنيا آڏو بي نقاب ٿي چڪي آهي. هن خبردار ڪيو ته ڀارت طرفان شهري آبادي تي ميزائل حملا پوري خطي جي امن ۽ سلامتي لاءِ خطرو آهن. گورنر چيو ته پاڪستان پنهنجي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي تي ڪو سمجهوتو نه ڪندو ۽ عالمي برادري کان فوري طور تي ان جارحيت جو نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪئي آهي.