راولپنڊي-07 مئي (اي پي پي) ڀارت جي بزدلاڻي حملي کانپوءِ پاڪ فوج ملڪ جي مختلف حصن مان هڪ وڏي هيرون هٿياربند ڊرون سميت هاڻ تائين 7 ڀارتي ڊرونز تباهه ڪيا آهن. پاڪستان جديد دفاعي ۽ فني اي ڊبليو صلاحيتون جي سبب هيٺ لاهي وڌيڪ 2 ڀارتي ڊرونز کي پنهنجي قبضي ۾ ورتو. سيڪيورٽي ذريعن مطابق ڀارتي ڊرونز پاڪستاني حدن ۾ دخل اندازي ڪرڻ جي ڪوشش تي پاڪ فوج وڌيڪ 4 ڀارتي ڊرونز تباهه ڪيا. پاڪ فوج پکليان، سيالڪوٽ سيڪٽر ۾ ڀارتي فوج جا 4 ڊرونز تباهه ڪيا آهن، جڏهن ته پاڪستان جديد دفاعي ۽ فني اي ڊبليو صلاحيتن سبب هيٺ لاهي وڌيڪ 2 ڀارتي ڊرونز کي پنهنجي قبضي ۾ ورتو. ڀارتي فوج طرفان ڊرونز ذريعي دخل اندازيءَ جي ناڪام ڪوشش ڪئي وئي هئي. ان کان اڳ برناله، شڪر ڳڙهه ۽ ڪوٽلي سيڪٽر ۾ به ڀارت جا 3 ڊرونز تباهه ڪيا ويا اهن. هاڻ تائين ڪل 7 ڊرونز تباهه ڪيا ويا آهن. پاڪ فوج دشمن جي هر اڳرائيءَ جو ڀرپور جواب ڏئي رهي آهي.