اسلام آباد -07 مئي (اي پي پي) پاڪستان جي هٿياربند فوج جي ترجمان ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري ڀارت طرفان پاڪستان جي مختلف هنڌن تي ميزائل حملن جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا آهن. ڀارت طرفان پاڪستان جي 6 هنڌ تي 24 حملا ڪيا ويا، انهن حملن ۾ 3 سالن جي نياڻي ۽ عورت سميت 8 ڄڻا شهيد ۽ 35 زخمي ٿيا جڏهن ته 2 ڄڻا لاپتا آهن. دشمن جي بزدلاڻن، بنا جواز ۽ چڙ ڏياريندڙ حملن جو جواب پاڪ فوج عوام جي حمايت سان ڏئي رهي آهي ۽ ڏيندي رهندي، ڏينهن جو عالمي ۽ مقامي ميڊيا کي انهن هنڌجو دورو ڪرايو ويندو ته جيئن ڀارت جي کليل جارحيت دنيا آڏو ڏيکاري سگهجي. گذريل ڏينهن صبح جو سوير ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي جي ڊائريڪٽر جنرل ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري ٻڌايو ته اڱاري ۽ اربع جي وچ واري رات بزدل ڀارت پاڪستان تي بنا جواز جارحيت ڪندي معصوم شهرين کي هدف بڻايو. هن چيو ته معصوم ۽ هٿين خالي ماڻهن کي نشانو بڻايو ويو. ڀارت مختلف نوعيت جي هٿيارن جو استعمال ڪندي پاڪستان جي 6 هنڌن تي 24 حملا ڪيا جنهن ۾ 8 پاڪستاني شهيد ۽ 35 زخمي ٿي پيا جڏهن ته 2 ڄڻا گم ٿي ويا آهن. هن ٻڌايو ته دشمن احمد پور ايسٽ ۾ مسجد سبحان کي نشانو بڻايو، هتي 4 حملا ڪيا ڪيا جنهن ۾ 5 بي گناهه پاڪستاني شهيد ٿي ويا جن ۾ هڪ 3 سالن جي نياڻي ۽ 2 عورتون به شامل هيون. ان هنڌ تي 31 شهري زخمي ٿيا جن ۾ 25 مرد ۽ 6 عورتون شامل آهن. هتي هڪ مسجد به شهيد ۽ 4 فيملي ڪوارٽر به تباهه ٿيا آهن. هن ٻڌايو ته دشمن طرفان مظفر آباد ۾ شاهي والانله ۾ مسجد بلال کي نشانو بڻايوو يو. دشمن طرفان 7 حملا ٿيا جنهن ۾ هڪ نياڻي زخمي ۽ مسجد شهيد ٿي وئي. ڊي جي آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته دشمن طرفان ڪوٽلي ۾ مسجد عباس کي نشانو بڻايو ويو. هتي 5 حملا ٿيا جنهن ۾ 2 ماڻهو شهيد ٿيا. ان حملي ۾ هڪ 16 سالن جي نينگري ۽ هڪ 18 سالن جو نينگر شامل آهن جڏهن ته هڪ ماءُ ۽ ڌيءَ زخمي ٿي پيون. دشمن طرفان مريدڪي ۾ مسجد کي نشانو بڻايو ويو جتي 4 حملا ڪيا ويا هڪ جوان شهيد ۽ هڪ زخمي جڏهن ته 2 گم ٿي ويا آهن. مسجد مڪمل طور تي شهيد ٿي وئي. غريب ماڻهن جي گهرن کي نقصان پهتو. هن ٻڌايو ته سيالڪوٽ جي ڳوٺ ڪوٽلي لوهاران ۾ دشمن طرفان 2 حملا ڪيا ويا. هڪ گولو ڦاٽي نه سگهيو۽ ٻيو اوپن فيلڊ ۾ هوا ۾ ڦاٽو. شڪر ڳڙهه ويجهو دشمن طرفان 2 حملا ڪيا ويا. هڪ ڊسپينسري کي نقصان پهتو. هن چيو ته دشمن جي بزدلاڻن، چڙ ڏياريندڙ، بنا جواز حملن جو جواب پاڪ فوج عوام جي حمايت سان ڏئي رهي آهي ۽ ڏيندي رهندي. هن چيو ته گذريل ڏينهن انهن هنڌن تي عالمي ميڊيا کي وٺي ويا هئاسين ڇاڪاڻ ته انهن هنڌن جي باري ۾ بنا جواز الزام لڳايا ويا آهن، اهي عالمي ميڊيا کي ڏيکاريا آهن. گذريل ڏينهن صبح جو عالمي ميڊيا ۽ مقامي ميڊيا کي مريدڪي ۽ بهاولپور وڃڻو هو، ان جو اعلان اڱاري ڏينهن شام جو حڪومت طرفان ڪيو ويو هو. هن چيو ته ڏينهن جي وقت ۾ عالمي ۽ مقامي ميڊيا کي انهن هنڌن تي وٺي وينداسين ته جيئن ڀارت جي کليل جارحيت کي دنيا ڏسي سگهي.