اسلام آباد -07 مئي (اي پي پي) سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير عطاالله تارڙ چيو آهي، ته اسان کي خدشو هو ته ڀارت جارحيت ڪندو، ڀارت عام شهرين کي نشانو بڻايو، جن هنڌن کي نشانو بڻايو ويو اتي دهشتگردي جي ڪيمپ نه هئي، هو عالمي نشرياتي اداري ”بي بي سي“، ”اسڪاءِ نيوز“ ۽ ”ٽي آر ٽي ورلڊ“ سان ڳالهائي رهيو هو. وفاقي وزير چيو ته ڀارت پاڪستان جي 6 مختلف هنڌن تي بنا جواز حملا ڪيا جنهن جي نتيجي ۾ عورتون ۽ ٻار شهيد ٿيا. هن چيو ته پرڏيهي ۽ مقامي صحافين کي ٻه ڏينهن اڳ لائين آف ڪنٽرول ويجهو انهن سمورن علائقن جو دورو ڪرايو ويو جن بابت ڀارت ڪوڙي دعويٰ ڪئي آهي ته اتي دهشتگردن جي ڪيمپ موجود آهي. عطاالله تارڙ واضح ڪيو ته پهلگام واقعي ۾ پاڪستان جي ملوث هئڻ جون ڪي به شاهديون ڀارت وٽ موجود ناهن، هي علائقو لائين آف ڪنٽرول کان 200 ڪلوميٽر پري واقع آهي ۽ هي واقعو ڀارتي سيڪيورٽي فورسز جي ناڪامي آهي. هن ڀارت طرفان شهري آبادي کي نشانو بڻائڻ کي انتهائي افسوسناڪ ۽ مذمت جوڳو قرار ڏنو. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ فرنٽ لائين اسٽيٽ آهي ۽ پاڻ به دهشتگردي جو شڪار آهي. اسان 90 هزار کان وڌيڪ جانين جون قربانيون ڏنيون آهن ۽ اڄ به پنهنجي اولهندي علائقن ۽ سرحدن تي دهشتگردن سان وڙهي رهيا آهيون. هن چيو ته ڀارت پاڻ دهشتگردي جي سرگرمين ۾ ملوث آهي. جعفر ايڪسپريس جهڙن واقعن کان پوءِ به ڀارت ڪا مذمت ناهي ڪئي. ڀارت آمريڪا، ڪينيڊا ۽ آسٽريليا ۾ سکن جي قتل ۾ ملوث آهي. اسان وٽ ڀارت جي دهشتگردي ۾ ملوث هئڻ جون ٺوس شاهديون موجود آهن. جن ۾ ڪلڀوشن ياديو جو ڪيس سڀ کان نمايان آهي جيڪو ڀارتي نيول آفيسر ۽ دهشتگردي ۾ ملوث ڏٺو ويو. عطاالله تارڙ چيو ته پاڪستان عالمي امن جو ضامن آهي ۽ اسان دهشتگردن ۽ دنيا وچ ۾ هڪ ديوار بڻيل آهيون. پاڪستان اڄ به قيمتي حياتين جون قربانيون ڏئي دهشتگردي خلاف وڙهي رهيو آهي. اڄ به بلوچستان ۾ دهشتگردن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي آهي. هن چيو ته پاڪستان کي ڪنهن کان به گهٽ نه سمجهيو وڃي. پاڪستان ڀارتي جارحيت جو ڀرپور جواب ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس اڄ صبح طلب ڪيو آهي. هن ٻڌايو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف سفارتي محاذ تي ڪيترن ئي ملڪن جي سفيرن سان ملاقاتون ڪيون آهن ۽ عالمي اڳواڻن سان رابطا ڪيا آهن. پاڪستان پهلگام واقعي جي شفاف ۽ غيرجانبداراڻي جاچ جي به آڇ ڪئي آهي. وفاقي وزير زور ڀريندي چيو ته پاڪستان ڪنهن به جارحيت ۾ اڳرائي ناهي ڪئي ۽ نه ئي پنهنجي دفاع کان پوئتي هٽيو آهي.