لاھور – 07 مئي (اي پي پي) پنجاب جي امن امان بابت ڪابينه ڪميٽي جي چيئرمين ۽ صحت واري صوبائي وزير خواجه سلمان رفيق پنجاب جي سمورين سرڪاري اسپتالن کي الرٽ ڪري ڇڏيو آھي. سمورن ڊاڪٽرن، نرسن ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف کي اسپتالن ۾ موجود رھڻ جي ھدايت ڪئي آهي. امن امان بابت ڪابينه ڪميٽي جي صوبائي صحت واري وزير چيئرمين خواجه سلمان رفيق ان حوالي سان جاري بيان ۾ چيو ته پاڪستان ڀارتي جارحيت جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿو. پاڪستان ڀارت جي بزدلاڻين ڪارروائين جو منھن ٽوڙ جواب ڏنو آھي. سموري قوم پاڪستان جي حڪومت ۽ فوج سان گڏ بيٺي آھي ۽ پاڪستاني قوم جا حوصلا بلند آھن. پاڪستاني قوم ۽ پاڪستان جي فوج دشمن کي منھن ڏيڻ چڱي طرح ڄاڻي ٿي. خواجه سلمان رفيق چيو ته دشمن کي پنھنجي ناپاڪ مقصدن ۾ ڪامياب نه ٿيڻ ڏينداسين. دشمن پاڪستان جي شھري آبادين تي بزدلاڻا حملا ڪيا آھن. پھلگام جي ڪوڙي ۽ بي بنياد الزام جي آڙ ۾ ڀارت اھو بزدلاڻو حملو ڪيو آھي.