اسلام آباد -07 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته مڪار دشمن ڀارت، اسان جي 5 هنڌن تي بزدلاڻو حملو ڪيو آهي،پاڪستان ڀارت جي مڙهيل ان جنگي عمل جو ڀرپور جواب ڏيڻ جو پورو حق رکي ٿو ۽ ڀرپور جواب ڏئي رهيو آهي. دشمن کي پنهنجي ناپاڪ مقصدن ۾ ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين. اڱاري ۽ اربع جي وچ واري رات موجوده صورتحال تي پنهنجي بيان ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پوري قوم پاڪ فوج سان گڏ آهي ۽ پوري پاڪستاني قوم جو مورال۽ جذبو بلند آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستاني قوم ۽ پاڪ فوج دشمن کي منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ ڄاڻي ٿي. دشمن کي پنهنجي ناپاڪ مقصدن ۾ ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين.