اسلام آباد -07 مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڀارت طرفان سرحد پار شهري آبادي کي نشانو بڻائڻ ۽ پاڪستان خلاف جارحيت جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي، ته پاڪستان ڀارتي جارحيت جو ڀرپور ۽ منهن ٽوڙ جواب ڏيندو. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر چيو ته ڀارتي اڳرائي جو مقابلو ڀرپور طاقت ۽ پاڪستان جي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي جو تحفظ پختي عزم سان ڪيو ويندو. هن چيو ته شهري علائقن کي نشانو بڻائڻ ۽ بنا جواز ڀارتي حملو عالمي قانون، گڏيل قومن جي چارٽر ۽ پاڪستان جي خودمختياري جي کليل ڀڃڪڙي آهي. صدر چيو ته پوري پاڪستاني قوم پنهنجي بهادر هٿياربند فوج سان متحد آهي، ڀارت جي بزدلاڻن قدمن هڪ فاشسٽ حڪومت جو اصل چهرو بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته ڀارتي حڪومت پنهنجي سياسي ايجنڊا کي اڳيان وڌائيندي علائقائي امن ۽ سلامتي داءَ تي لڳائڻ لاءِ تيار آهي. صدر چٽن لفظن ۾ چيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج مادر وطن جي هڪ هڪ انچ جي دفاع لاءِ پوري ريت تيار ۽ باصلاحيت آهي.