راولپنڊي -07 مئي (اي پي پي) ڀارت بزدلاڻي حملي دوران پاڪستان جي آبي ذخيرن خلاف بدترين جارحيت جو مظاهرو ڪندي نيلم جهلم هائيڊرو پروجيڪٽ تي گولا باري ڪئي، ڀارت طرفان آبي ذخيرن تي حملو عالمي قانونن جي کليل ڀڃڪڙي آهي. سيڪيورٽي ذريعن موجب ڀارت طرفان نوسيري ڊيم نيلم درياهه تي واقع انٽيڪ اسٽرڪچر کي گذريل رات 2 بجي نشانو بڻايو ويو. ڀارتي گولاباري سبب ڊي سينڊرز يونٽ ۾ و اقع انٽيڪ گيٽس کي نقصان پهتو. هائيڊرا لڪ سسٽم جي هڪ هائيڊرالڪ پروٽيڪشن يونٽ کي به نشانو بڻايو ويو. حملي ۾ هڪ ايمبولينس کي به نقصان پهتو. آبي ذخيرن جهڙن حساس هنڌن کي نشانو بڻائڻ عالمي اصولن جي کليل ڀڃڪڙي آهي.