راولپنڊي -07 مئي (اي پي پي) پاڪ فوج طرفان ڀارت جي بزدلاڻي حملي خلاف جوابي ڪارروائي ڪاميابي سان جاري آهي، ايل او سي تي ڀارتي فوج جي ڇتري هوسٽ، بانڊه سيڪٽر، جنگل ون، سرليا-ون، ڌرمسل ون ۽ ٽو سميت وڌيڪ ڪيترين ئي پوسٽن کي تباهه ڪري ڇڏيو. ڀارتي فوج طرفان چورا ڪمپليڪس پوسٽ تي اڇو جهنڊو ڦڙڪايو ويو. سيڪيورٽي ذريعن موجب پاڪ فوج جي جوابي ڪارروائي ۾ لائين آف ڪنٽرول تي ڀارتي ڇتري پوسٽ تباهه ڪري ڇڏي. پاڪ فوج دشمن جي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏئي رهي آهي. ڀارت جي بزدلاڻي حملي کان پوءِ پاڪ فوج پانڊو سيڪٽر ۾ ڀارت جي چيڪ پوسٽ تباهه ڪري ڇڏي. ڀارت بزدلاڻي ڪارروائي ڪندي رات جي اونداهي ۾ پاڪستان ۾ معصوم شهرين تي حملا ڪيا. پاڪ فوج اثرائتي جوابي ڪارروائي ۾ پانڊو سيڪٽر ۾ ڀارت جي چيڪ پوسٽ جنگل ون کي تباهه ڪري ڇڏيو. چيڪ پوسٽ تي تباهي کان پوءِ شديد دونهون ڏسڻ ۾ آيو. ٻئي پاسي ڀارتي بزدلاڻي حملي کان پوءِ تباهه ٿيندو ڏسي ڀارتي فوج لائين آف ڪنٽرول جي چورا ڪمپليڪس تي اڇو جهنڊو ڦڙڪايو. اڇو جهنڊو ڦڙڪائي ڀارتي فوج پنهنجي شڪست قبول ڪري ورتي. لائين آف ڪنٽرول تي پاڪ فوج جي جوابي ڪارروائين دوران ڪوٽ ڪٺيرا سيڪٽر (ڪوٽلي) ۾ دشمن جي سرليا ون پوسٽ به تباهه ڪئي وئي. دشمن جي چيڪ پوسٽ کي مارٽر گولن سان نشانو بڻايو ويو. ڀارتي پوسٽ دونهين جي ڪڪرن جي لپيٽ ۾ اچي وئي. پاڪ فوج جي جوابي حملي دوران لائين آف ڪنٽرول، بٽل سيڪٽر ۾ دشمن جي ڌرمسل ون ۽ ٽو چيڪ پوسٽن، نيزه پير سيڪٽر جي سامهون ڀارتي فوج جي شاهپور ٽي چيڪ پوسٽن کي به تباهه ڪيو ويو. ڀارتي جارحيت جو پاڪ فوج سندن ئي زبان ۾ جواب ڏئي رهي آهي. پاڪستان جي هٿياربند فوج جي جوابي ڪارروائين ۾ دشمن جو تمام وڏو نقصان ٿي رهيو آهي.