ملتان – 07 مئي (اي پي پي) ڀارت ان ڀرپور جوابي ڪارروائي جي خوف سبب اڇو جھنڊو لھرائي شڪست قبول ڪري ورتي. ڀارتي جارحيت خلاف ٻين شھرن جيان ملتان جا به شھري روڊن تي نڪري آيا ۽ پنھنجي فوج سان ڀرپور يڪجھتي جي اظھار لاءِ پاڪ فوج زنده آباد ۽ پاڪستان زنده آباد جا نعرا هنيا. شھري محمد عاصم اي پي پي سان ڳالھه ٻولھه ڪندي چيو ته جيڪڏھن ضرورت پئي ته سموري قوم پنھنجي فوج سان گڏجي ڀارت کي منھن ٽوڙ جواب ڏيندي. شيراز رفيق اعواڻ جو چوڻ ھو ته اسان جي سرحدن جو دفاع مضبوط ھٿن ۾ آھي. يونيورسٽي جي شاگردن پاڪ فوج زنده آباد ۽ پاڪستان پائنده آباد جا وڏي آواز ۾ نعرا لڳائي پنھنجي بھادر فوج سان ايڪتا ۽ عزم جو اظھار ڪندي چيو ته نوجوان پنھنجي ملڪ جي حفاظت لاءِ تيار آھن.