اسلام آباد – 07 مئي (اي پي پي) دفاعي تجزيه نگارن ڀارت طرفان رات جي اونداهي ۾ شھري آبادي تي ميزائل جي حملن جو منھن ٽوڙ جواب تي پاڪستاني فوج کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آھي ته ڀارت کي فوري ۽ اثرائتي جواب تي شڪست ملي آھي، ڀارت کي عسڪري ۽ اخلاقي ٻنھي محاذن تي شڪست ملي آھي، سموري قوم ھٿياربند فوج سان گڏ آھي.گذريل ڏينھن ڀارت جي پاڪستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ سول آبادي تي حملن تي ردعمل ۾ ريٽائرڊ ايئر ڪموڊور خالد چشتي چيو ته ڀارتي حملن کان فوري بعد پاڪ فضائيه ڀارت جي جنگي جھازن کي نشاڻو بڻائي پنھنجو حساب برابر ڪري ڇڏيو، سول آبادي تي ڀارت جي حملن بعد پاڪ فضائيه ڀارت جا 6 جھاز تباھه ڪيا آھن. ھن چيو ته ڀارت کي فوج کان وڌيڪ اخلاقي شڪست ٿي آھي ڇو ته ھو ڪيترن ئي ڏينھن کان قوم کي تيار ڪري رھيو ھو، کيس شرمندگي ۽ افسوس کي منھن ڏيڻو پيو، تجزيه نگار ماريه سلطان چيو ته ڀارت کي پاڪستان طرفان ڀرپور جواب ڏنو ويو، ڀارتي انفينٽري برگيڊ تباھه ڪري ڇڏيو، اھا شروعات ڀارت ڪئي ان کي ڪٿي کڻي وڃڻو آھي. ان جو فيصلو پاڪستان ڪندو. دفاعي تجزيه نگار بابر علاؤالدين چيو ته ڀارت رات جي انڌيري ۾ مسجدن ۽ سول آبادي کي نشاڻو بڻايو ۽ بدلي ۾ 6 جھاز وڃايا، لائن آف ڪنٽرول تي ڀارت جون ڪيتريون ئي پوسٽون تباھه ٿيون جيڪي 70 سالن کان ٺھيل ھيون، ان شڪست تي ڀارتي حڪمران پنھنجي قوم کي منھن نه ٿا ڏيکاري سگھن. ھن چيو ته پاڪستان جي جوابي ڪارروائي سبب والاريل ڄمون ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جو حوصلو ڪري پيو آھي، ھن کي ھاڻي فيس سيونگ نه ملندي، ڀارت کي سفارتي سطح تي به افسوسناڪ شڪست ٿي ۽ ھاڻي فوجي سطح تي به شڪست کي منھن ڏيڻو پيو. ھن چيو ته ھڪ رات ۾ ڀارتي فضائيه جو جنھن قدر نقصان ٿيو آھي ايترو نقصان جنگن ۾ به ناھي ٿيندو. ھن چيو ته اسان اڳ ئي خبردار ڪيو ھو ته ڪنھن به جارحيت جو منھن ٽوڙ جواب ڏينداسين، پاڪ فوج پروفيشنل ۽ اخلاقي ڪاميابي حاصل ڪئي آھي. برگيڊئير ريٽائرڊ نادر مير چيو ته ڀارت کي سفارتي سطح تي، يو اين ۽ ٻين دوست ملڪن به سپورٽ نه ڪيو، سندن ڪوشش ھئي ته اھي ملڪ سفارتي سطح تي پاڪستان کي جوابي ڪارروائي کان روڪين. جيتوڻيڪ ڀارتي ايئر فورس کي رات جو ئي جواب ملي ويو.