اسلام آباد -07 مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ڀارت پاران پاڪستان تي حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي ڀارت پاران رات جي اونداهي ۾ ڪيل حملي کي انتهائي بزدلاڻو عمل قرار ڏنو آهي، پنهنجي مذمتي بيان ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته ڀارت شهري آبادي تي حملو ڪري عالمي قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، پاڪستان بزدل دشمن جي حملي جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو آهي. هن پاڪستاني فوج پاران ڀارتي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ تي پاڪ فوج کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته پاڪ فوج ڀرپور صلاحيت سان دشمن جي جارحيت جو جواب ڏئي رهي آهي. ڀارت جارحيت جي شروعات ڪري پاڪستان جي صبر جو امتحان ورتو آهي. بزدل دشمن کي ان حملي لاءِ خطرناڪ انجام کي منهن ڏيڻو پوندو. قوم پاڪ فوج سان گڏ آهي، 24 ڪروڙ عوام ڀارت خلاف مڙهيل جنگ ۾ حصو وٺندو. پاڪستان جي هوائي فوج دشمن کي سخت جواب ڏنو آهي. قوم ۽ فوج جا حوصلا بلند آهن، دشمن ناڪام ٿيندو. ڀارت پاڪستان جي امن واري خواهش کي ڪمزوري سمجهي ٿو، ڀارت کي سخت نتيجن کي منهن ڏيڻو پوندو، قوم پاڪ فوج جي ڪاميابي لاءِ دعاڳو آهي