ڪوئٽا -07 مئي (اي پي پي)سائنس ۽ ٽيڪنالاجي بابت وفاقي وزير نوابزاده خالد حسين خان مگسي ڀارتي جارحيت جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي، ته ڀارت پاڪستان جي شهري آبادي کي نشانو بڻائي عالمي قانون جي سنگين ڀڃڪڙي ڪئي آهي. پاڪستان جو دفاع ناقابل تسخير آهي، قوم ۽ فوج گڏ آهن، پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته ڀارت جون بزدلاڻيون ڪارروائيون خطي جي امن لاءِ خطرو آهن، پاڪستاني قوم ڀارتي جارحيت جي مقابلي لاءِ پنهنجي فوج سان گڏ آهي، نوابزاده خالد خان مگسي چيو ته دشمن کي ڀرپور جواب ڏيڻ لاءِ قوم متحد ۽ فوج سان گڏ بيٺل آهي.