اسلام آباد-06 مئي (اي پي پي) وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر خان ۽ پاڪستان آٽو موٽو مينيوفيڪچررز ايسوسيئيشن جي نمائندن وچ ۾ اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ هنڊا، ٽيوٽا، سوزوڪي، ڪيا، هيونڊائي، يوتونگ ۽ سازگار سميت ٻين اهم آٽو موٽو مينيوفيڪچررز شرڪت ڪئي. اجلاس دوران آٽو موٽو سيڪٽر بابت مختلف مسئلن تي ڳالهيون ٿيون، جن ۾ ٽيرَ ريٽس، ايندڙ بجيٽ، ريگيوليٽري ڊيوٽيز ۽ ڊگهي مدي وارين پاليسين تي تفصيل سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. هن مقامي مينيوفيڪچررز جي حمايت جو عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ آٽو موٽو سيڪٽر کي هٿي ڏيڻ جي اهميت تي زور ڀريو. هن وڌيڪ چيو ته وزيراعظم جو ويزن برقي گاڏين کي هٿي ڏيڻ لاءِ مراعتون فراهم ڪرڻ تي کُتل آهي. هن آٽو موٽو مينيوفيڪچرزز کي يقين ڏياريو ته ان سيڪٽر کي هٿي ڏيڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا ته جيئن ان جي ترقيءَ کي يقيني بنائي سگهجي. هن پاڪستان آٽو موٽو مينيوفيڪچررز ايسوسيئيشن کي هدايت ڪئي ته هو صنعت ۽ پيداوار واري وزارت سان گڏجي هڪ تجويز تيار ڪن ته جيئن ان سيڪٽر جي مسئلن ۽ ضرورتن کي حل ڪري سگهجي.