مڪه مڪرمه-06 مئي (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان چيو آهي ته ڊي جي حج مڪه عبدالوهاب سومرو جي سربراهي ۾ حج انتظامن جون تياريون جاري آهن. هڪ بيان ۾ مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان عمر بٽ چيو ته ڊي جي حج مڪه عبدالوهاب سومرو، ڪوآرڊينيٽر مڪه ذوالفقار خان، ڊائريڪٽر حج مڪه عزيز الله خان ۽ ٻين مددگارن حج سان گڏ رهائشي عمارتن جو دورو ڪيو. ڊي جي حج رهائشي ڪمرن، ڊائننگ هالن، لفٽس ۽ صفائي سٿرائي جو جائزو ورتو. ڊي جي حج پانڌيئڙن جي سهولت ۽ سهڪار، رهنمائي ۽ شڪايتن جي ازالي بابت ضروري هدايتون جاري ڪيون ۽ چيو ته حج پانڌيئڙن جي آمد کان اڳ سمورين سهولتن جي موجودگي کي يقيني بڻائي رهيا آهيون. هن چيو ته مڪه مڪرمه ۾ حج پانڌيئڙن جي آمد 7 مئي کان شروع ٿيندي. حج آپريشن ڪاميابي سان پنهنجي ٻي مرحلي طرف گامزن آهي.