راولپنڊي-06 مئي (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي چيو آهي ته ڀارت جي پاڻي اڳرائيءَ جو مُنهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو، پاڪستان هميشه امن کي ترجيح ڏني آهي، پوري قوم جنگ جهڙي سنگين صورتحال ۾ پنهنجي فوج سان بيٺل نظر اچي رهي آهي، هن ملڪ جي هڪ پارٽي اهڙو خراب ماحول پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته جيئن ملڪ عدم استحڪام طرف هليو وڃي. راولپنڊي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسان جيڪو پيغام انڊيا کي ڏنو، پاڻي جي معاملي تي اهو صاف آهي، جيڪڏهن پاڻي روڪيو ويو ته اسان جنگ لاءِ تيار آهيون. ڀارتي ميڊيا چينل پروپيگنڊا ڪرڻ ۾ هن وقت حد اورانگهي ويا آهن، ان مشڪل ۾ جڏهن اسان جنگ جي حالت ۾ آهيون ته اسان جي ملڪ مان هڪ پارٽي جا ماڻهو سازشن ۾ ملوث نظر اچن ٿا، اسان پنهنجي ملڪ ۾ ٿيل هر دهشتگردي جو ثبوت انڊيا کي ڏئي چڪا آهيون، دنيا ڄاڻي ٿي ته ڪير دهشتگرد ملڪ آهي، انڊيا ڪنهن غلط فهميءَ ۾ نه رهي، اسان هميشه امن کي ترجيح ڏني آهي پر جيڪڏهن هو سمجهي ٿو ته اسان جنگ نٿا وڙهي سگهون ته اها سندن ڀُل آهي. هن چيو ته جنگ وڙهڻ جي اسان جي صلاحيت کي گهٽ ڪرڻ ڀارت جي سنگين غلطي هوندي. ريلوي واري وزير ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان ڀارت طرفان ڪنهن به اڳرائيءَ جو سوچيندو نه پر جواب ضرور ڏيندو. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان پهلگام حملي جي جاچ لاءِ سهڪار ڪرڻ جو چيو پر ڀارت فراريت اختيار ڪئي.