اسلام آباد – 06 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته سياسي اختلافن جو ملڪي دفاع ۽ پرڏيهي پاليسي سان ڪو تعلق نه آهي، پاڪستان جي سالميت جو معاملو هر قسم جي سياست کان مٿانهون آهي، ڀارت کي بيانيي جي جنگ ۾ شڪست ٿي چڪي آهي، اڄ گجرات جي قاصائي جون سموريون پاليسيون ناڪام ٿي چڪيون آهن، دشمن مڪار، بدنيت ۽ بيوقوف آهي، دشمن بيوقوف نه هجي ها ته پهلگام فالس فليگ جي منصوبابندي ئي ڪجهه بهتر ڪري وٺي ها، مودي جو مڪروهه چهرو دنيا آڏو بي نقاب ٿي چڪو آهي. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته دشمن موقعي جي تاڙ ۾ آهي ته ڪڏهن پاڪستان تي حملو ڪري. هن چيو ته منهنجي پاڪستانيت اهو گوارا نه ٿي ڪري ته هن ايوان مان اهڙا نعرا بلند ڪيا وڃن جيڪي ڀارت پنهنجي ميڊيا تي ڏيکاري اهو تاثر ڏي ته پاڪستاني قوم داخلي طور تي ورڇ ٿيل آهي. هن چيو ته اڄ معاملو رڳو پاڪستان جو آهي، گڏيل اختلافن ۽ سياست جي لاءِ تمام گهڻو وقت آهي. هن چيو ته جنرل ايوب خان جا لفظ اڄ به اسان جي دلين ۾ زندهه آهن ته دشمن کي اندازو نه هو ته هن ڪهڙي قوم کي للڪاريو آهي. اهو ئي اهو ولولو ۽ جذبو آهي جيڪو سدائين هن قوم جي سڃاڻپ رهيو آهي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته اڄ گجرات جي قاصائي جون سموريون پاليسيون ناڪام ٿي چڪيون آهن. گذريل ڏينهن لائين آف ڪنٽرول ويجهو بيلانور شاهه واري جڳهه تي ملڪي ۽ غيرملڪي ميڊيا کي دورو ڪرايو ويو. ڀارت اها دعويٰ ڪندو رهيو آهي ته هتي دهشتگردن جون تربيتي ڪئمپون موجود آهن ۽ پير چناسي ۽ بيلانور شاهه جي ذريعي دهشتگرد سرحد پار وڃن ٿا. هن چيو ته اسان جو دشمن رڳو مڪار ئي نه آهي، پر بدنيت ۽ بيوقوف به آهي. ان جي بيوقوفي جو مثال اهو آهي ته پهلگام جو علائقو سرحد کان 150 ڪلوميٽر پري آهي. ان صورت ۾ اها دعويٰ ڪيئن ممڪن آهي ته ڪير اتي وڃي حملو ڪري؟ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جي 9 لک فوج مقرر آهي، ڇا اها رڳو تماشو ڏسڻ جي لاءِ ويٺي آهي؟ هن چيو ته بيگناهه ڪشميرين کي جيلن مان ڪڍي شهيد ڪيو پيو وڃي. 7 ڏهاڪن کان ڀارتي فوج مظلوم ڪشميرين تي ظلم ڪري رهي آهي. اتي پاڪستاني جهنڊو ڦڙڪائڻ تي پابندي جي باوجود ڪشميري عورتون پنهنجي شهيدن کي سائي هلالي جهنڊي ۾ دفن ڪن ٿيون. اهو جذبو ڪٿان ٿو اچي؟ ”پاڪستان جو مطلب ڇا، لااله الاالله“ جو نعرو اڄ به واديءَ ۾ گونجي رهيو آهي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته پهلگام پوليس اسٽيشن ۾ داخل ڪيل ايف آءِ آر پاڻ ڀارت جي دعويٰ کي بي نقاب ڪري ٿي. واقعي جي رڳو 10 منٽن کانپوءِ ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي جڏهن ته پوليس ڏيڍ ڪلاڪ کانپوءِ واقعي تي جڳهه تي پهتي. ان علائقي جي ويجهو فوجي يونٽ موجود آهي جنهن جو سمورو ڌيان ان تي آهي ته ڪشميرين تي ڪهڙي طرح ظلم ڪيا وڃن. هن واضح ڪيو ته پهلگام جو واقعو ڀارت جو فالس فليگ آپريشن هو جيڪو سيڪيورٽي ۽ انٽيليجنس جي مڪمل ناڪامي آهي. اها بي جي پي جي بهار ۾ چونڊ ارادن ۽ پاڪستان جي وڌندڙ معاشي ترقي کي روڪڻ جي سازش آهي. انهن جو خيال هو ته فالس فليگ آپريشن سان مقصد حاصل ٿي ويندو، پر ايف آءِ آر ئي سموري حقيقت کولي ڇڏي. هن چيو ته وڊيو ۾ صاف نظر اچي ٿو ته زپ لائين تي ڏيکاريل شخص بي خوفي سان حرڪت ڪري رهيو آهي، ڀرپاسي جا ماڻهو آزاداڻي طور تي گهمي رهيا آهن. دعويٰ ڪئي وئي ته دهشتگردن اشتعال انگيز فائرنگ ڪئي ۽ رڳو هندوئن کي نشانو بڻايو جيڪو واضح ڪوڙ آهي. ان واقعي ۾ هڪ مسلمان به مارجي ويو. جيڪڏهن واقعي فائرنگ ٿي رهي هجي ها ته زپ لائين تي موجود شخص ايتري آساني سان ڪيئن نڪري وڃي ها؟ وفاقي وزير چيو ته پاڪستان بيانيي ۽ سفارتي سطح تي ڀارت کي اهڙي شڪست ڏني آهي جيڪا ان جا ايندڙ نسل به ياد رکندا. عالمي ميڊيا ادارا جهڙوڪ الجزيره، نيويارڪ ٽائيمز ۽ اڪانومسٽ پڻ اهو چئي رهيا آهن ته ڀارت وٽ ان واقعي ۾ پاڪستان جي ملوث هجڻ جو ڪو ثبوت نه آهي. هن چيو ته پاڪستان رڳو موقف اختيار ڪيو آهي ته جيڪڏهن اسان جي پاڻي جو رخ موڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ڀرپور ۽ فيصلائتو ردعمل ڏنو ويندو پر گڏ اهو به چيو ته اسان جا هٿ صاف آهن، پهلگام واقعي جي شفاف ۽ غيرجانبداراڻي جاچ ڪئي وڃي ته جيئن اصل حقيقتون دنيا آڏو اچن. هن ٻڌايو ته گذريل 48 ڪلاڪن ۾ پاڪستان سفارتي رابطا تيز ڪيا. وزيراعظم چين، برطانيا، ترڪيه، سعودي عرب، يو اي اي ۽ ڪويت جي سفيرن سان ملاقاتون ڪيون ۽ قطر جي امير، ايراني صدر ۽ پرڏيهي وزير سان پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان اهو ڪيس گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ اٿاريو ۽ دنيا کي ٻڌايو ته پاڪستان ڪشميري عوام جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو. ڪشمير اسان جي شهه رڳ آهي. جيڪڏهن ڀارت اهو سمجهي ٿو ته اهڙي طرح جي ڪاررواين سان عالمي ڌيان ڪشمير تان هٽائيندو ته هو غلط فهمي ۾ آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي خلاف فرنٽ لائين رياست آهي. اسان دهشتگردي جي خلاف جنگ وڙهي، قربانيون ڏنيون ۽ اڄ به دنيا ۽ دهشتگردي جي وچ ۾ هڪ ديوار وانگر بيٺل آهيون. دهشتگردي جو نشانو به اسان بڻياسين، جنگ به اسان وڙهي ۽ الزام به اسان تي؟ ڀارت کي شرم اچڻ گهرجي. هن چيو ته ڀارت پاڻ هڪ اهڙي رياست آهي جيڪا سکن جو قتل ڪرائي ٿي. سک برادري صاف اعلان ڪيو ته اهي پاڪستان جي خلاف نه وڙهندا. ڪئناڊا ۾ هرديپ سنگهه نجر جو قتل، آمريڪا ۽ آسٽريليا ۾ سک اڳواڻن تي حملا ڀارتي رياستي دهشتگردي جا مظهر آهن. هن چيو ته ڀارت پاڻ دهشتگردي ۾ ملوث آهي، پاڪستان وٽ ڀارتي نيول ڪمانڊر ڪلڀوشن ياديو جي شڪل ۾ ناقابل ترديد ثبوت موجود آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته جعفر ايڪسپريس واقعي جي فوٽيج سڀ کان پهرين ڀارتي چينلز کي ڪيئن ملي؟ هن چيو ته بي ايل اي جون ڪڙيون ڀارت سان ڳنڍيل آهن، اهڙي ملڪ کي ڪهڙو حق آهي ته هو پاڪستان تي دهشتگردي جو الزام هڻي؟ اسان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ 90 هزار جانيون قربان ڪيون آهن، دنيا ۾ ان جو ڪو مثال نه آهي. هن چيو ته پاڪستاني قوم عظيم آهي، جڏهن اها اٿندي آهي ته وڏي کان وڏو دشمن به شڪست کائي ويندو آهي. ڀارت جي رياستي دهشتگردي ڪيترن ئي ڏهاڪن کان جاري آهي. را جا ايجنٽس پاڪستان ۾ دهشتگردي ڪرائي رهيا آهن، معصوم جانيون ورتيون پيون وڃن. هن چيو ته پاڪستان جي فوج، پوليس، سيڪيورٽي ادارن ۽ سياستدانن پنهنجون جانيون نڇاور ڪيون پر ڪڏهن به شڪست تسليم نه ڪئي. هر طبقي دهشتگردي جي خلاف قربانيون ڏنيون. هاڻي ڀارتي عوام مودي حڪومت کان سوال ڪري رهي آهي ته 9 لک فوج ڪشمير ۾ ڇو مقرر آهي؟ ڀارت جي سفارتڪاري ڇو ناڪام ٿي؟ هن چيو ته ڀارت بند گهٽيءَ ۾ داخل ٿي رهيو آهي ۽ هر وقت پاڪستان تي حملي جي منصوبابندي ڪري ٿو. جيڪڏهن هن ڀيري ڀارت ڪو جارحاڻو قدم کنيو ته اهڙو منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو جنهن جو تاريخ ۾ مثال نه ملندو. پاڪستان ڪڏهن به اڳرائي ناهي ڪئي، پر جيڪڏهن دشمن اڳرائي ڪئي ته پوءِ ان کي اهڙو جواب ڏنو ويندو جو ان جا ايندڙ نسل ياد رکندا. هن چيو ته پوري قوم پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي. ڀارت اسان جا سوشل ميڊيا اڪائونٽس بند ڪيا ته اسان هڪ نغمو تيار ڪري ڀارتي يوٽيوب چينلز تي بطور اشتهار هلرايو. اسان انفارميشن وار به وڙهي رهيا آهيون ۽ ڀارت کي بند گهٽيءَ ۾ ڌڪي رهيا آهيون. جيئن ئي اسان پهلگام واقعي جي شفاف جاچ جي ڳالهه ڪئي ته ڀارت جون ٽنگُون رڦڻ شروع ٿي ويون آهن.