اسلام آباد -06 مئي (اي پي پي)ناڻي بابت وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي لنڊن روانو ٿي ويو آهي، جتي هو برطانيا جي اختيارين، عالمي مالياتي ادارن، سيڙپڪارن، بئنڪن ۽ ڪاروباري ادارن جي سربراهن سان ملاقاتون ڪندو. ناڻي وارو وزير ان دوري دوران مختلف سيڙپڪاري فورمز ۽ سيمينارز کي خطاب ڪندو جن ۾ هو پاڪستان جي معاشي منظرنامي ۽ حڪومت جي سيڙپڪار دوست پاليسين کي اجاگر ڪندو. دوري ۾ ناڻي وارو وزير جيفريز جي انتظام هيٺ پاڪستان تائين پهچ جا ڏينهن“ جي عنوان سان ٿيندڙ سيڙپڪاري گول ميز ڳالهين ۾ شرڪت ڪندو. ان سان گڏوگڏ يو ڪي ٽيڪ انويسٽرز سان ٿيندڙ ڳالهين ۾ پاڪستان ۾ اي آءِ، کاڻين ۽ هيلٿ ڪيئر سميت ٻين شعبن ۾ سيڙپڪاري جي موقعن تي ڳالهيون ڪندو. وزيراعظم جو سيڙپڪاري بابت وزير محمد علي به ساڻس ملاقاتون ۽ ڳالهين ۾ ناڻي واري وزير سان گڏ هوندا. ان دوران ناڻي وارو وزير برطانيه جي هيٺ ڏنل اهم ادارن جو دورو ڪندو، هيز مچسٽيز ٽريزري، فارن ڪامن ويلٿ اينڊ دولپمينٽ آفيس، آفيس فار بجيٽ ريسپانسبلٽي، بئنڪ آف انگلينڊ سميت ڊوئچي بئنڪ، اسٽينڊرڊ چارٽرڊ بئنڪ، ڪارگل گلوبل ٽريڊنگ يو ڪي ۽ برٽش آمريڪن ٽوبيڪو جي اعليٰ اختيارين سان به ملاقات ڪندو. ناڻي بابت وزير برطانيه جي گورنمينٽ ڪميونيڪيشن سروس جي سي اي او سان ملاقات کان علاوه پاڪستان هاءِ ڪميشن جي جي انتظام هيٺ مقامي سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري شخصيتن جي اعزاز ۾ ڏنل ڊنر ۾ به شريڪ ٿيندو. دوري جي پڄاڻي تي هو عالمي ۽ برطانوي سڌ سماءَ وارن ذريعن سان به ملاقاتن ۾ پاڪستان جي معاشي پاليسين تي روشني وجهندو ۽ سوالن جا جواب ڏيندو.