سرگوڌا -06 مئي (اي پي پي) پاڪستان ۾ رهندڙ مسيحي برادري پنهنجي پاڪستاني قوم ۽ پاڪ فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي گڏ بيٺل آهي. تاريخ شاهد آهي، ته مسيحي برادري هميشه پاڪستان جي سلامتي، بقا ۽ استحڪام لاءِ جاني ۽ مالي قربانيون ڏنيون آهن. پاڪستاني مسيحي برادري وطن عزيز جي دفاع لاءِ هاڻي به ڪنهن قرباني کان نه ڪيٻائيندي، انهن خيالن جو اظهار اقليتي معاملن بابت اڳوڻي ايم پي اي طاهر نويد چوڌري پنهنجي هڪ بيان ۾ ڪيو، هن چيو ته پاڪ فوج جهڙي طرح ملڪي سرحدن جي حفاظت ڪري رهي آهي، مسيحي برادري پڻ پنهنجي فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي ۽ دشمن کي منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ لاءِ ڪنهن به قرباني کان نه ڪيٻائيندي.