اسلام آباد -06 مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي ۾ پهلگام حملي سان پاڪستان کي جوڙڻ جي بي بنياد ڪوششن ۽ ڀارت طرفان سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪندي ان کي غيرقانوني ۽ هڪ طرفي طور ختم ڪرڻ جي اعلان سبب پيدا ٿيل صورتحال تي بحث جاري آهي. ان موقعي تي ميمبرن چيو ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڪشمير ۾ 9 لک قابض فوج جي موجودگي ۾ پهلگام واقعو مودي حڪومت ۽ انٽيليجنس جي مڪمل ناڪامي آهي، مودي جي جارحاڻي سوچ ۽ جنگي جنون نه رڳو خطي پر سڄي دنيا جي امن لاءِ خطرو آهي. ڪنهن به ڀارتي جارحيت خلاف پوري قوم متحد آهي. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ٻئي ڏينهن به بحث جي شروعات ڪندي پيپلز پارٽي جي ميمبر سحر ڪامران چيو ته اڄ ملڪ ۾ ڀارت پاران گد ڀڀڪين باوجود ڪو خوف ناهي، ان جو سهرو ذوالفقار علي ڀٽو کان نواز شريف ڏانهن وڃي ٿو جنهن پاڪستان کي ايٽمي طاقت بڻايو، اسان جا جوان وطن جي سرحدن جو دفاع ۽ عوام ملڪ جي سلامتي جي تحفظ لاءِ پرعزم آهن. ڏکين حالتن ۾ قومي مفادن تي پوري قوم هڪ ٿي ويندي آهي. 9 لک فوج جي موجودگي ۾ پهلگام واقعو ڀارت جي ناڪامي آهي. ڀارت پاڻ پاڪستان ۾ اچي دهشتگردي ڪرائيندو رهيو آهي، ڪلڀوشن ياديو ان جو زنده مثال آهي. پاڪستاني قوم ڀارتي الزامن کي رد ڪري ٿي. پاڪستان پاڻ دهشتگردي جو سڀ کان وڌيڪ شڪار آهي جنهن 90 هزار حياتين جو نذرانو پيش ڪيو آهي. ايم ڪيو ايم جي ميمبر ڊاڪٽر فاروق ستار بحث ۾ حصو وٺندي چيو ته هن دفعي مودي پنهنجي ڄار ۾ پاڻ ڦاٿو آهي. مودي مائينڊ سيٽ جارحيت ۽جنگي جنون آهي، جنهن کي هن ڀيري پرڏيهي محاذ تي ناڪامي جو منهن ڏسڻو پئجي ويو آهي، اهو مائينڊ سيٽ دنيا جي امن لاءِ سڀ کان وڏو خطرو آهي. مودي جي دهشتگرداڻي سوچ سبب دنيا سامهون پاڪستان کي دهشتگردي سان جوڙڻ وارو بيانيو نه هلي سگهيو، هن چيو ته عالمي ضمير جاڳي رهيو آهي ۽ مودي مائينڊ سيٽ زمين ۾ دفن ٿي رهيو آهي. فاروق ستار چيو ته پاڪستان جي قيام لاءِ اسان جي وڏڙن جيڪا جدوجهد ڪئي ان تي اسان کي اطمينان آهي. اڄ اهي قربانيون 100 سيڪڙو درست ثابت ٿيون آهن. ان ئي مائينڊ سيٽ خلاف اسان جي وڏڙن قربانيون ڏنيون ۽ الڳ وطن حاصل ڪيو. هن چيو ته پهلگام ۽ پلوامه جي واقعن جي سڀني مذمت ڪئي آهي انهن واقعن ۾ سڀ کان وڏي ناڪامي مودي سرڪار کي ٿي آهي. اها سندن انٽيليجنس جي ناڪامي آهي. هن چيو ته مودي کي پاڪستان فوبيا آهي ۽ اهو سندس جنگي جنون هن خطي ۽ پوري دنيا جي امن لاءِ خطرو آهي. پاڪستان طرفان عالمي شفاف ۽ آزاداڻي جاچ جي آڇ ڀارتي عزمن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو آهي. ڀارت سنڌ طاس معاهدي کي هڪ طرفو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو، اهو عالمي معاهدو آهي جنهن جي ضامن ورلڊ بئنڪ آهي ۽ ان جي ڀڃڪڙي جو اعلان جنگ تصور ٿيندو. اپوزيشن ميمبر بئريسٽر گوهر چيو ته پاڪستان خودمختيار ملڪ آهي ٻئي پاسي هڪ مودي جي انڊيا آهي ۽ ٻئي پاسي وري دهلي انڊيا آهي. مودي جي انڊيا ۾ مسلمانن کي قتل ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته انڊيا ۽ پاڪستان امن جون ڳالهيون ڪن، ٻئي ايٽمي ملڪ آهن، جيڪڏهن جنگ لڳي ته پري پري تائين اثر ويندا. هن چيو ته مودي پهريون ڀيرو سنڌ طاس معاهدو ختم ڪيو آهي، سنڌ طاس معاهدو 9 سالن جي ڳالهين کان پوءِ فائينل ٿيو هو. ڀارت وٽ پاڻي روڪڻ جو به انتظام ناهي ۽ نه ئي پاڻي جو رخ موڙڻ جي صلاحيت آهي. پاڪستاني قوم متحد آهي ان کي ورهائي نه ٿو سگهجي. هن چيو ته مودي جي الزامن کي مڪمل طور رد ڪيون ٿا، حڪومت کي گهرجي ته سنڌ طاس معاهدي کي عالمي عدالت ۾ کڻي وڃي، جيڪڏهن ڀارت جارحيت ڪئي ته جواب ڀرپور ڏنو ويندو. هن چيو ته ڀارت هر دهشتگردي جو الزام پاڪستان تي لڳائي ٿو ۽ ٻئي پاسي ڀارت جعفر ايڪسپريس تي دهشتگردي جي مذمت ئي نه ڪئي آهي.