اسلام آباد – 06 – مئي (اي پي پي) گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو بند ڪمري ۾ مشاورتي اجلاس ايجنڊا آئٽم ”ڀارت پاڪستان سوال“ تحت منعقد ٿيو. پرڏيهي آفيس پاران ڪالهه اڱاري ڏينهن جاري بيان موجب اجلاس علائقائي سلامتي جي خراب ٿيندڙ ماحول، ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ ۽ ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمن ۽ ڪشمير جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ لاءِ منعقد ٿيو. اهو اجلاس پاڪستان جي درخواست تي ڀارت جي تازي هڪ طرفي قدمن ۽ اشتعال انگيز اعلانن جي ڏس ۾ گهرايو ويو هو جنهن سان فوجي ٽڪراءُ جي خطري ۾ نمايان اضافو ٿيو ۽ علائقائي ۽ عالمي امن ۽ سلامتي کي خطرو ٿي ويو آهي. اجلاس دوران ڪائونسل جي ميمبرن ڇڪتاڻ جي وڌندڙ خطري تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ تحمل ۽ ڇڪتاڻ کي گهٽ ڪرڻ جي فوري ضرورت تي زور ڏنو. هن ڇڪتاڻ کي گهٽ ڪرڻ ۽ فوجي ٽڪراءُ ۽ تڪرارن کان بچڻ ۽ مسئلن کي پرامن طريقي سان حل ڪرڻ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري تي زور ڏنو. ڪيترن ئي ميمبرن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڄمون ۽ ڪشمير جو پراڻو تڪرار علائقائي عدم استحڪام جو بنيادي سبب آهي ۽ ان کي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب حل ڪرڻ گهرجي. ڪائوسنل جي ڪيترن ئي ميمبرن ڀارت پاران سنڌ طاس معاهدي جي معطلي جي حوالي سان عالمي قانون ۽ ذميوارين جي احترام تي زور ڏنو. ڪائونسل جي ميمبرن کي بريفنگ ڏيندي گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار احمد ڀارت جي اشتعال انگيز قدمن جو ذڪر ڪيو جنهن ۾ 23 اپريل جي اعلان ڪيل هڪطرفو قدم ۽ جارحاڻو فوجي انداز به شامل آهي. هن خبردار ڪيو ته اهي ڪارروايون بنا جواز ۽ خطرناڪ آهن ۽ ان جا تباهي آڻيندڙ نتيجا نڪري سگهن ٿا. ڪائونسل جي ميمبرن کي انٽيليجنس معلومات کان آگاهه ڪيو ويو جيڪو ڀارت پاران پاڪستان جي خلاف متحرڪ ڪارروائي جي فوري خطري جي نشاندهي ڪري ٿو. سلامتي ڪائونسل جي ميمبرن کي واضح ڪيو ويو ته پاڪستان پنهنجي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي دفاع لاءِ پوري طرح تيار آهي ۽ ڪنهن به جارحيت جي صورت ۾ گڏيل قومن جي چارٽر ۾ لکيل پنهنجي دفاع جي لاءِ حاصل جائز حق جو استعمال ڪندو جڏهن ته پاڪستان ان ڳالهه کي واضح ڪيو ته هن ڇڪتاڻ ۾ اضافو ناهي ڪيو. پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 22 اپريل جي حملي بابت ڀارت جي بي بنياد الزامن کي واضح طور تي رد ڪري ڇڏيو. هن چيو ته ڀارت بي بنياد الزام بنا ڪنهن جاچ يا اعتماد جوڳي ثبوت جي هنيا آهن. ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته اهڙن واقعن کي جارحي جي جواز يا عالمي قانون جي خلاف ورزي جي لاءِ استعمال ڪرڻ جي اجازت نه هجڻ گهرجي. ياد رهي ته ڀارت ماضي ۾ ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق جي منصفاڻي جدوجهد کي ڪمزور ڪرڻ ۽ ان کي غيرقانوني قرار ڏيڻ ۽ پنهنجي غيرقانوني قبضي هيـٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ پنهنجي رياستي دهشتگردي ۽ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کي لڪائڻ جي لاءِ انهن واقعن کي استعمال ڪيو آهي. ان موقعي تي پاڪستان جي خلاف رياستي سرپرستي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي ۽ پاڪستان ۽ ٻين جاين تي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ڀارت جي ملوث هجڻ کي پڻ اجاگر ڪيو ويو. ڪائونسل جي ميمبرن کي 1960ع جي تاريخي سنڌ طاس معاهدي کي معطل ڪرڻ جي ڀارت جي هڪطرفي فيصلي بابت پڻ آگاهه ڪيو ويو جيڪو عالمي بئنڪ جي ثالثي ۾ هڪ قانوني طور تي پابند معاهدو آهي. پاڪستان خبردار ڪيو ته ان جي دريائي پاڻي جي قدرتي وهڪري ۾ رڪاوٽ وجهڻ يا ان جو رخ موڙڻ جي ڪا به ڪوشش جنگ جي ڪارروائي هوندي. پاڪستان گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ۽ ڪائونسل جي ميمبرن پاران ڳالهه ٻولهه ۽ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جي لاءِ ڪيل آڇ جي آجيان ڪئي ۽ هن ڇڪتاڻ کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ سفارتي ڪوششون تيز پُڻ ڪري ڇڏيون. عالمي برادري خاص طور تي سلامتي ڪائونسل جي لاءِ اهو ضروري آهي ته اها اهڙن تڪرارن کان بچڻ جي لاءِ فوري ۽ ذميواري سان ڪم ڪري جنهن جا ڏکڻ ايشيا ۽ ان کان ٻاهر تباهي آڻيندڙ نتيجا نڪرن. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته ”ڀارت پاڪستان سوال“ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا تي سڀ کان پراڻي آئٽمز مان هڪ آهي جنهن تحت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ ڄمون ۽ ڪشمير جو پراڻو تڪرار موجود آهي.