اسلام آباد – 06 مئي (اي پي پي) قومي اسمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق مسلسم ليگ (ن ) جي اڳواڻ ۽ وفاقي وزير احسن اقبال سميت دھشتگردي جو سڌي ريت نشاڻو بڻجڻ وارن کي خراج تحسين پيش ڪيو آھي. قومي اسيمبلي جي اجلاس جي شروعات تي اسپيڪر چيو ته 6 مئي 2018ع تي سينيئر پارليامينٽيرين احسن اقبال تي دھشتگردن حملو ڪيو هو ۽ کيس سڌي ريت مارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي. ان کان علاوه به ڪيترائي ميمبر نشاڻو بڻيا، انھن سڀني کي خراج تحسين پيش ڪيون ٿا ۽ دعا ڪيون ٿا ته الله پاڪ سڀني کي محفوظ رکي.