اسلام آباد – 05 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي بهادر فوج دشمن جي خلاف هر وقت تيار آهي، ڪنهن به ڀارتي جارحيت جي خلاف پوري قوم شيهي جي ديوار وانگر پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي، پاڪستان خطي ۾ امن ۽ استحڪام چاهي ٿو، پنهنجي دفاع جي حفاظت جي لاءِ منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جي صلاحيت به رکي ٿو، ڀارتي پاڻي جارحيت ناقابل قبول آهي، پاڻي پاڪستاني عوام جي لاءِ ريڊ لائين آهي، پاڪستان گڏيل قومن جي سيڪريٽري ڪائونسل ۾ ان مسئلي کي ڀرپور طور تي اٿاريندو، دنيا کي ڀارت جو مڪروهه چهرو ڏيکاريو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري پڌرائي موجب پيپلزپارٽي جي وفد ۾ راجا پرويز اشرف، سيد نويد قمر، خيبرپختونخواهه جو گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، بلوچستان جو وڏو وزير سرفراز بگٽي ۽ سينيٽر سليم مانڊوي والا شامل هئا.

ملاقات دوران ڳالهائيندي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان جي بهادر فوج دشمن جي خلاف هر وقت تيار آهي، ڀارت پاران ڪنهن به جارحيت جي خلاف پوري قوم شيهي جي ديوار وانگر پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي. هن چيو ته پاڪستان خطي ۾ امن ۽ استحڪام چاهي ٿو پر پنهنجي دفاع جي حفاظت جي لاءِ منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جي صلاحيت به رکي ٿو. وزيراعظم چيو ته پهلگام واقعي کانپوءِ ڀارت جو اشتعال انگيز رويو انتهائي افسوسناڪ آهي، پاڪستان نه رڳو پهلگام واقعي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو پر واقعي جي غيرجانبداراڻي ۽ آزاداڻي جاچ جو مطالبو پڻ ڪيو. وزيراعظم چيو ته بنا ڪنهن ثبوت جي پاڪستان کي پهلگام واقعي سان ڳنڍڻ جي ڀارتي ڪوششن کي واضح طور تي رد ڪريون ٿا. هن چيو ته ڀارت پاران سنڌ طاس معاهدي کي غيرقانوني طور تي معطل ڪرڻ ۽ ان کي پاڻي جارحيت جي طور تي استعمال ڪرڻ ناقابل قبول آهي ڇو ته پاڻي پاڪستاني عوام جي لاءِ ريڊ لائين جي حيثيت رکي ٿو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ڀارتي جارحيت بي نقاب ڪرڻ جي حوالي سان پاڪستان ڀرپور سفارتي ڪوششون ڪري رهيو آهي ۽ دنيا کي پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪرڻ جي لاءِ منهنجي ڪيترن ئي ملڪن جي سفيرن سان ملاقات به ٿي آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل ۾ پڻ ان مسئلي کي ڀرپور طور تي اٿاريندو ته جيئن دنيا کي ڀارت جو مڪروهه چهرو ڏيکاريو وڃي ۽ عالمي برادري کي ڀارتي ارادن کان آگاهه ڪيو وڃي. ملاقات جي موقعي تي ڳالهائيندي پاڪستان پيپلزپارٽي جي وفد چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي سميت ملڪ جون سموريون سياسي پارٽيون پاڪستان جي دفاع ۽ حفاظت جي حوالي سان متحد آهن ۽ ملڪ جي دفاع جي لاءِ اسان پاڪستان جي بهادر فوج سان گڏ بيٺل آهيون. وفد ڀارتي جنگي ارادا دنيا جي سامهون رکڻ تي وفاقي حڪومت جي سفارتي ڪوششن کي پڻ ساراهيو. واضح رهي ته حڪومت سڀ کان وڏي اتحادي پارٽي سان وفاقي بجيٽ تي مشاورت جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. ان حوالي سان وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته اسان سمورن معاملن ۾ مشاورت کي ترجيح ڏيون ٿا. ملاقات دوران پاڪستان پيپلزپارٽي جي وفد مالي سال 2025 – 2026ع جي وفاقي بجيٽ جي حوالي سان تجويزون ڏنيون. بجيٽ تي مشاورت جو پهريون دور هو. پريس رليز موجب حڪومت جي جوڙيل ڪميٽي پيپلزپارٽي سان مشاورت جاري رکندي. پاڪستان پيپلزپارٽي جي وفد حڪومت کي توانائي جي شعبي ۾ سڌارن تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين کي صوبن جي حوالي ڪرڻ تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ فيصلو ڪيو ويو ته ٻن مهينن ۾ ورڇ ڪندڙ ڪمپنيون صوبائي حڪومتن جي حوالي ڪيون وينديون. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، وفاقي وزير احد خان چيما، محمد اورنگزيب، احسن اقبال، اعظم نذير تارڙ، عطاءُ الله تارڙ، علي پرويز ملڪ، ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري، راڻا مبشر اقبال، وزيراعظم جو صلاحڪار راڻا ثناءُ الله، ڊاڪٽر توقير شاهه، مملڪتي وزير عبدالرحمان ڪانجو ۽ وزيراعظم جو خاص معاون طحيٰ برڪي پڻ موجود هئا.