اسلام آباد – 05 – مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري خطي ۾ امن ۽ خوشحالي جي فروغ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ڀارت جي جارحاڻي قدمن سان علائقائي امن ۽ استحڪام کي خطرو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايران جي پرڏيهي وزير سيد عباس عراقچي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ تاريخي ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن. ملاقات ۾ ٻطرفي ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات ۾ علائقائي سلامتي جي صورتحال خاص طور تي پهلگام واقعي کانپوءِ ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ان موقعي تي ايراني پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان جو دورو سپريم ليڊر آيت الله سيد علي خامنه اي ۽ ايراني صدر مسعود پيز شڪيان جي هدايت تي ڪيو، موجوده صورتحال تي پاڪستان جو موقف سمجهون ٿا. ايراني پرڏيهي وزير ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ڌرين تي تحمل جو مظاهرو ڪرڻ تي زور ڏنو ۽ چيو ته ايران پاڪستان سان لاڳاپن کي اهميت ڏي ٿو. سيد عباس عراقچي چيو ته ايران پاڪستان سان گڏيل مفاد ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو خواهشمند آهي. ايراني پرڏيهي وزير ٻطرفي واپار کي ان جي ڀرپور صلاحيت تائين وڌائڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. ملاقات ۾ افغانستان جي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ايراني پرڏيهي وزير خطي جي معاملن تي پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. صدر اهم موڙ تي پاڪسدتان جو دورو ڪرڻ تي ايراني پرڏيهي وزير جا ٿورا مڃيا. صدر ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. صدر ٻنهي ملڪن جي گڏيل مفاد ۾ ايران سان واپار کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. ملاقات ۾ ڌرين غزه جي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڌرين غزه ۽ اولهندي ڪناري ۾ اسرائيلي فوج پاران جاري ظلم ۽ انساني حقن جي خلاف ورزين جي مذمت ڪئي. ايراني پرڏيهي وزير ايراني صدر پاران صدر آصف علي زرداري جي لاءِ نيڪ خواهشن جو پڻ اظهار ڪيو.