راولپنڊي-05 مئي (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته قومي خودمختياريءَ تي حملو ٿيو ته ڀرپور جواب ڏنو ويندو. اهڙو اظهار هن نيشنل ورڪشاپ بلوچستان جي شرڪت ڪندڙن کي جي ايڇ ڪيو ۾ ملاقات دوران خطاب ڪندي ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب 2016ع کان نيشنل ورڪشاپ بلوچستان جو مقصد قيادت کي قومي ۽ صوبائي معاملن بابت آگاهه ڪرڻ آهي. آرمي چيف چيو ته بلوچستان ۾ جاري ترقياتي منصوبا عوام جي فلاح لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. دشمن ڌُريون بلوچستان ۾ خوف ۽ ڏڦيڙ پکيڙڻ چاهين ٿيون، کين ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين. هن چيو ته پرڏيهي اسپانسرڊ دهشتگردي بلوچستان جي سيڪيورٽيءَ لاءِ سنگين خطرو آهي، دهشتگرديءَ جو ڪو مذهب، فرقو يا قوم ناهي هوندي، قومي يڪجهتيءَ سان ان جو مقابلو ڪنداسين. آرمي چيف جو چوڻ هو ته بلوچ سُڃاڻپ جي نالي تي دهشتگردي ڪندڙ بلوچ غيرت تي داغ آهن. آرمي چيف جو چوڻ هو ته پاڪستان خطي ۾ امن جو خواهشمند آهي. سلامتي تي ڪو به سمجهوتو نه ڪنداسين. هن وڌيڪ چيو ته قومي خود مختياريءَ تي حملو ٿيو ته ڀرپور جواب ڏنو ويندو. ورڪشاپ جي پڄاڻيءَ تي سوالن ۽ جوابن جو تفصيلي سيشن ٿيو.